ايس يو پي پاران چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي نتيجن کي رد ڪندي، گذريل ڏينھن  اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي ملتوي ڪرڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه ، اليڪشن ڪميشن جي  فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  اليڪشن ڪميشن موسميات جي صورتحال جو بھانو بڻائي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي فائدو پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.  اليڪشن ڪميشن پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم  جي فرمائش تي بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون آھن. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي غير جمهوري فيصلي ۽ پهرين مرحلي جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ ۾ ٻئي مرحلي جي مڪاني چونڊ ملتوي ٿيڻ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ٿيل معاهدي جو تسلسل آهي. ان معاهدي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي من پسند بنيادن تحت حدبنديون ڪرائڻ جو  پڻ واعدو ڪيو ويو ھو . اليڪشن ڪميشن پاران اوچتو پڌرنامو جاري ڪرڻ غير جمهوري عمل آهي. اليڪشن ڪميشن پھريان ئي  تڪراري هئي ۽ هاڻي وڌيڪ تڪراري بڻجي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جا حمايت يافتہ  آر اوز  ۽ ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويا.  بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي جانبداري سبب بدترين ڌانڌلي ڪري عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. پولنگ اسٽيشن تي پنهنجي پسند جا پرزائيڊنگ آفيسر لڳايا ويا.  هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اھڙي عمل خلاف عدالت سان رجوع ڪنداسين ته نئون شيڊول جاري ڪري فوج ۽ عدليا جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.