پنجاب ٻيهر حمزا حوالي، پرويز الاهي وڌيڪ ووٽ کڻڻ باوجود هارائي ويو

لاهور (م ڊ)مسلم ليگ ن جو اميدوار حمزا شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو، جڏهن ته  پرويز الاهي وڌيڪ ووٽ کڻڻ باوجود هارائي ويو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي.پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس پوڻا ٽي ڪلاڪ دير سان شام ستين وڳي شروع ٿيو جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ووٽنگ جو عمل شروع ڪرايو. ووٽنگ جي نتيجي موجب پي ٽي آءِ جي اميدوار پرويز الاهي 186 ووٽ کنيا جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حمزا شهباز 179 ووٽ کنيا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت جي خط کي پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن ق ليگ جي ميمبرن کي پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏيڻ ۽ حمزا شهباز کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ق ليگ جا ڪاسٽ ڪيل سمورا 10 ووٽ رد ٿين ٿا ۽ مان ان ڳالهه جو اعلان ڪريان ٿو ته 10 ووٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو آهي.ان موقعي تي ق ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق جي ميمبرن احتجاج ڪيو، راجا بشارت ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي تي چيو ته اوهان جانبداري جو مظاهرو ڪيو پيا. هن چيو ته پارلياماني ليڊر جو حڪم هلندو.  ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارٽي سربراهه جو حڪم هلندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.