ڪراچي پوليس چيف جو امن خراب ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪنهن به امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سختي سان منهن ڏينداسين.

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو امڪان آهي ۽ خبرون آهن ته عمران خان جلد خطاب ڪندو.

ان حوالي سان ڪراچي پوليس چيف چيو آهي ته اسان تيار آهيون، هي ڪنهن جي خلاف احتجاج ڪندا؟ جتي احتجاج ڪندا اسان موجود هونداسين.

هن چيو ته پرامن احتجاج جي سڀني کي اجازت آهي، روڊن کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.