سرهاڙي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند دڪاندار کان لکين رپيا ڦري فرار

سرهاڙي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند دڪاندار کان لکين رپيا ڦري ويا.

نوابشاهه روڊ تي واقع ذاڪر جمالي جي ڪتابن جي دڪان تان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار هٿياربند روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا.

اطلاع تي سرهاڙي پوليس واردات واري هنڌ پهچي شاهديون گڏيون ڪيون.

متاثر دڪاندار پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته هو شهر ۾ ڦٽيون وڪرو ڪري رقم دڪان تي رکي پنهنجي گھر ويو ته پٺيان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن ٻٽ ٻڌل هٿياربندن دڪان تي چڙهائي ڪري ڀاءُ عمران ۽ آصف کي يرغمال بڻايو.

هن ٻڌايو ته هٿياربندن دڪان ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ ڀائرن کان ڏيڍ لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا.

متاثر دڪاندار سرهاڙي پوليس کان مطالبو ڪيو ته بنا دير ڦورو گرفتار ڪري رقم واپس نه ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.