ڪراچي: ڦر واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر)شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ واقع فيوچر ڪالوني ۾ عيد گاه ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي مددگار 15 جي اهلڪار 25 ورهين جي حمزا رفيق پٽ رفيق کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. زخمي اهلڪار کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آرام باغ ٿاڻي جي حد ۾ واقع برنس روڊ واري علائقي ۾ به نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 28 ورهين جي حڪيم پٽ ڪريم کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. زخميءَ کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سعيد آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع بلديه ٽائون سيڪٽر 9 اي واري علائقي ۾ نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 7 ورهين جو محمد احمد پٽ ڪاشف زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واقع ايم پي آر ڪالوني ۾ توحيد مسجد جي ڀرسان نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 20 ورهين جو عطا پٽ رحيم زخمي ٿي پيو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن بابت جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.