ڪورونا جو شڪار مريم نواز جي صحت بابت اهم خبر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز اڄڪلهه ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي قرنطينه ۾ آهي.

اها خبر هن گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي ڏني هئي، جڏهن ته هاڻ هڪ ٽوئيٽر واهپيدار طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ مريم نواز پنهنجي طبعيت بابت آگاهه ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار مريم نواز کان سوال ڪيو ته ميم هاڻ توهان جي طبعيت ڪيئن آهي؟ جنهن تي جواب ڏيندي ن ليگ اڳواڻ چيو ته بخار آهي ۽ ڳلو خراب آهي، ٺيڪ ٿي ويندو انشاءَالله.

مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ طبعيت پڇندڙ احسن دانش نالي واهپيدار جا ٿورا به مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.