اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، شهباز گل جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهباز گل جي گرفتاري خوف هراس پکيڙڻ ۽ اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اهي فسطائي حربا اثرائتا ثابت ٿيندا نه ئي اسان جا ماڻهو پنهنجو حق استعمال ڪرڻ کان مُڙندا.
Strongly condemn illegal arrest of Shahbaz Gill simply to try & rig elections & spread fear in ppl. These fascist tactics will not work & our ppl will not be deterred from exercising their right to vote. Handlers of Imported govt should realise damage they are doing to our nation
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) July 17, 2022
هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي سرپرستن کي ان نقصان جو احساس ٿين گهرجي، جيڪي اهو قوم کي پهچائي رهيا آهن.