اسٽيبلشمينٽ ننڍي چونڊ کان پري رهي: شيخ رشيد

لاهور(م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد اسٽيبلشمينٽ کي ننڍي چونڊ کان پري رهڻ جو پيغام  ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي ووٽر جو رستو روڪيو ويو ته اهڙي باهه نڪرندي جيڪا سڀني کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي خلاف انهن ماڻهن ايترا ڪوڙا ڪيس بڻايا آهن جو هر روز نئين عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو آهي، اليڪشن ۾ قوم ڪنهن قسم جي ڌانڌلي، غنڊاگردي برداشت نه ڪندي، اڄوڪي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ثابت ڪرڻو آهي ته اها غيرجانبدار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.