شهيد ڪرنل لئيق جي مغوي ڪزن جو به لاش هٿ

ڪوئيٽا(م ڊ) زيارت مان اغوا ٿيندڙ ڪرنل لئيق جي  ڪزن جو به لاش هٿ، خبر مطابق زيارت مان اغوا ٿيل ڪرنل لئيق جي ڪزن مغوي عمر جاويد جو لاش هٿ ڪيو ويو آحي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي عمر جاويد جو ڳلو دٻائي کيس ماريو ويو آهي، ان کان ڪرنل لئيق کي به ماريو ويو هو، ٻئي پاسي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سي ٽي ڊي هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق احمد جي طرز تي سرڪاري آفيسرن کي اغوا ڪري سگهي ٿي، بي ايل اي سرڪاري آفيسرن جي اغوا جو منصوبو بڻايو آهي، سمورا سرڪاري اهلڪار احتياطي اپاءُ اختيار ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.