سيٺارجن ۾جي يو آءِ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ تي ايم پي اي مڇرجي پيو، احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ)  ٺري ميرواه ٿاڻي جي  حد ڳوٺ حماد آباد ۾ ڳوٺاڻن جي يو آء جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ مهانگو پئجي ويو  تڪ جي پ پ ايم پي اي ۽ سندس واٺا پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيندڙ ڳوٺاڻن مٿان ڏمرجي پيا واقعي خلاف جي يو آء جي ڪارڪنن مرد ۽ عورتن رحمت خاتون, شهناز , مهناز خاتون, علي گوهر , پيربخش ڪٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي هتي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙهيو آهي ته 26 جون تي پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيڻ تي پ پ پ ايم پي اي پنهنجي ماڻهن سان ملي ڪري اسان جي نوجوانن مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي بااثر ايم پي اي ۽ سندس بااثر واٺي ٻن نوجوانن مدثر ۽ حسيب الله ڪٻر کي  رات جو گهر ايندي رستي مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو 15 ڪلاڪن بعد ٺري ميرواه پوليس جي يو آء جي ڪارڪنن مٿان چوري جو کوجي ڪتن جي مدد سان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گهرن مٿان پوليس چڙهائي ڪئي ۽ گهرن جو تقدس پائمال ڪيو ۽ عورتن ۽ معصوم ٻارن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي هنن چيو ته ٺري ميرواه پوليس سياسي ونگارو بڻيل آهي جيڪا هڪ ايم پي اي جي چوڻ تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي يو آء جماعت سان تعلق رکون ٿا ۽ اسان پنهنجي تڪ ۾  جي يو آء جي اميدوار کي ووٽ ڏنا آهن جنهن تي پ پ پ ايم پي اي ۽ سندس بااثر واٺا ڏمرجي پيا آهن ۽ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ايم پي اي اسان جي ڪارڪنن مٿان ڏمرجي ڪٿي انهن کي مارائي قتل نه ڪرائي ڇڏي هنن سپريم جي چيف جسٽس , آء جي سنڌ کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي جان ڇڏائي وڃي.

  • ننڍي چونڊ جي ڪوريج لاءِ پولنگ بوٿن ۾ موبائيل کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي: اليڪشن ڪميشن

فيصل آباد (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي حڪمن جي روشني ۾ (اڄ) آچر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي ڪوريج لاءِ پولنگ بوٿن ۾ موبائيل کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ميڊيا جا نمائنده اليڪشن ڪوريج جي حوالي  سان صرف پروفيشنل ڪيميرا ئي کڻي وڃي سگهن ٿا، ٻي صورت ۾ کين پولنگ بوٿ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اليڪشن ڪميشن فيصل آباد جي ترجمان ٻڌايو ته فيصل آباد جي هڪ صوبائي تڪ پي پي 97 ۾ اڄ آچر تي ٿيندڙ پولنگ جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

  • مٽياري ۾ پي ٽي آءِ پاران پ پ اڳواڻن تي هراسان ڪرڻ جو الزام

مٽياري( ڊ ر ) يونين ڪائونسل مٽياري تان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي  اميدوارن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوار پي ٽي آئي ضلع مٽياري جي جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق کوسو چيئرمين جي اميدوار جي ڊي اي اڳواڻ حافظ عزيز الله جکريجو وائيس چيئرمين جي اميدوار ايڊوڪيٽ مقبول کوسو ۽ جنرل ڪائونسلرن واحد بخش جکريجو ۽ منور خشڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يونين ڪائونسل مٽياري تان اسان پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي جي اتحاد سان گڏيل طور اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھيون پر جيئين ئي اسان اليڪشن جا نامزدگي فارم ڀريا آھن تہ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اسان کي مختلف ھيلن بھانن سان اليڪشن کان ٻاھر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھن اسان جي اميدوارن کي جاني ۽ نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جيئين تہ پيپلزپارٽي سندھ حڪومت ۾ آھي ان ڪري سرڪاري مشينري بہ سندن تابع آهي جيڪي اسان جي دانھن ۽ درخواستن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ڇڏين اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ اسان نٿا چاھيون تہ اليڪشن ۾ خون خرابو ٿئي جيڪڏھن پيپلزپارٽي وارن ھوش کان ڪم نہ ورتو تہ پوء چوڙيون اسان بہ ناھن پاتيون اليڪشن ھڪڙي ڏينھن ٿي ويندي پر اسان نٿا چاھيون تہ پوء اسان سڀ سالن تائين ان کي لوڙيون ان ڪري اسان چيف جسٽس آف پاڪستان . چيف اليڪشن ڪمشنر . ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر . آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون تہ اسان جي پوري يونين ڪائونسل جي پولنگن کي انتھائي حساس قرار ڏئي فوج ۽ رينجرس مقرر ڪئي وڃي

  • اڏيرل لعل ۾ مڪاني چونڊ ويجهو ايندي ئي مهم زور وٺي وئي

اڏيرولعل وليج (ن ع آ )اڏيرولعل۾ بلدياتي اليڪشن ويجهو اينديئي سياسي صورتحال ڪجھ  عجيب مرحلن ۾ داخل ٿيڻ لڳي آهي.ا ڏيرولعل وليج جي اڪليتي برادري سان تعلق رکندڙ  لال رکيو باگڙي المدثر شاھ هائوس تي ميڊيا جي اڳيان ڳالهائيندي چيو ته سردار محمد علي شاھ ڄاموٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوري قيادت مون  تي يقين رکندي مخدوم جميل الزمان جي ڪو آرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاھ طرفان يوسي 29 جي  مخصوص اڪليتي سيٽ تي نامزد ڪيو ويو آهي.جنهن ڪري کلم کلا اعلان ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي باگڙي  برادري سميت سيد ممتاز شاه جي پينل جي حمايت ڪندس. ان موقعي تي ساڻس اڏيرولعل ۾ سياسي اسر رسوخ رکندڙ ايڊوڪيٽ سيد عبدالعزيز شاھ ۽ يوسي 29  تي وائس چيئرمين جو اميدوار محمد يامين راجپوت به ساڻس گڏ ھئا

  •  ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ پاران پاور شو، وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت

ميهڙ  (س ر ) ميهڙ ۾ پي ٽي آء پاران ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ٿيٻا روڊ ته تي ياسين سولنگي ۽ برادري طرفان سياسي  جلسو وڏي تعداد ۾ ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي وارڊ 6۔ 7۔8 جي سولنگي۔سمان۔ڀٽي۔مڱڻھار۔سيد جانوري بروھي ۽ ٻين برادرين جي ماڻھن جي شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آء مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر صداقت علي جتوئي،نياز علي ٻرڙو۔عبدالستار چنہ۔وڏيرو اسماعيل بروھي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آھي 15 سالن ۾ ميهڙ شھر جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي ڪنهن به خبر ناهي  شھر گندگي جي ڍير ٿي ويو آھي ڪروڙن جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھي وئي، جڏهن ته جلسي کي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو ۔دانش امتياز مھيسر۔ سرفراز مھيسر۔سرائي نثار ڳورڙ۔ھوش محمد جانوري خطاب پڻ ڪيو.

  • سيوهڻ لڳ پوليس جي ڪارروائي، ايس يو پي اڳواڻ گرفتار، احتجاج

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ ويجھو يوسي جھانگارا جي ڳوٺ نگاول ۾ مڪاني چونڊن لاء ورڪ تي نڪتل پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ اميدوارن  جي مخالف پارٽي ايس يو پي جي ڪارڪنن پاران رستا روڪ ڪرڻ ۽ گار گند ڪرڻ واري واقعي بعد پوليس بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ايس يو اڳواڻ غفور نوحاڻي کي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي قافلي تي حملو ڪري گٿا لفظ ڳالھائڻ  جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي, پوليس پاران اھڙي گرفتاري ڪرڻ خلاف ايس يو پي جي ضلعي صدر درياه خان لغاري، تعلقا صدر محمد نواز رند، شبير ٻرڙو، نور خان نوحاڻي، اصغر سولنگي، مريد خان بروهي، ۽ ايس يو پي ڪارڪنن سان گڏ پريس ڪلب سيوھڻ پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. جنهن بعد ايس يو پي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو ته نوحاڻي برادري جو سردار ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اسان جي ساٿي اڳواڻ ۽ جھانگارا يوسي جي ضلعي ميمبر جي سيٽ تي بيٺل اميدوار غفور نوحاڻي جي ڪاميابي ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ان کي ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪايو آهي جنهن بعد ان جي مٿان نئينگ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪالھ ڳوٺ نگاول ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار سردار حاڪم خان نوحاڻي چونڊ ورڪ دوران گرفتار ايس يو پي ڪارڪن غفور نوحاڻي جي ڀاءُ عبيدالله نوحاڻي مٿان گاڏي چاڙهي کيس زخمي ڪيو آهي جيڪا ظلم جي انتھا آهي جڏهن ته پ پ ايم اين اي پاڻ ورڪ ڪري اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ٿيل پارٽي اميدوار غفور نوحاڻي تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري ضلعي ۽ پوء سموري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.

  • تعلقي ٺٽي جي يوسي گلمنڊا جي ڊي اي اميدوار جي ورڪ تيز

ٺٽو(ڊر)تعلقي ٺٽي جي يوسي گلمنڊا تي جي ڊي اي پاڳاري گروپ پاران نامزد ٿيل يوسي گلمنڊا جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شاھنواز  بروھي پاران پڻ پنھنجي ورڪ مھم کي تيز ڪندي پنھنجي تڪ جي مختلف ڳوٺن جا طوفاني دوران ڪري حمايتون حاصل ڪري رھيو آھي، ان سلسلي ۾ جي ڊي اي پاران يوسي گلمنڊا تي نامزد ڪيل اميدوار شاھنواز بروھي، پير اياز قريشي، انجنيئر يونس بروھي، پير شھروز قريشي، شھريار سومرو، مير منظور مينگل پاران يوسي ڇتوچنڊ جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ مولابخش خاصخيلي، ڳوٺ الھبچايو موندو، ڳوٺ سومار خاصخيلي، ڳوٺ آدم جاکرو ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪري عوام کان پنھنجي حمايت حاصل ڪري ورتي اھي، مختلف ڳوٺن ۾ منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شاھنواز بروھي چيو تہ ملڪ ۾ بيروزگاري، مھنگائي، بدامني، پاڻي جي کوٽ، بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيدنگ عوام جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي، اسان عوام جي خدمت جو جذبو کڻي نڪتا اھيون، اسان جو بلدياتي اليڪشن ۾ بيھڻ جو مقصد سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ آھي، شاھنواز بروھي چيو تہ آزمايلن کي آزمائڻ جي ضرورت ناھي، اسان نوجوان ھن واري عوام جي خدمت ڪرڻ لاء نڪتا اھيون، ھن واري اسانکي تاري جي نشان تي 24 جولاء تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪريو، اسان عوام سان واعدو ٿا ڪريون تہ سندن امنگن تي پورو لھي ڪامياب ٿي سندن سمورا مسئلا بنا ڪنھن فرق جي حل ڪنداسين. ان موقعي تي مختلف برادرين پاران شاھنواز بروھي جي مڪمل حمايت ڪندي کيس ڪامياب ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائي.

  • مڪاني چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون: پ پ اڳواڻ

چوھڙجمالي (ن ع آ) بلدياتي چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون سجاول ضلعي مان پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار ڀاري اڪثريت سان سوڀارا ٿيندا . چوھڙجمالي شھر ۾ گھر گھر الڪيشن ورڪ شروع ڪنداسين. اھڙو اظھار پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي مڪاني چونڊن جي حوالي سان ٽائون ڪميٽي چوھڙجمالي جي سڀني وارڊن تي نامزد پ پ اميدوارن سان گڏجاڻي ڪري مڪاني چونڊن جي حوالي سان گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊون پنھنجي مقرر تاريخ تي ٿينديون پاڪستان پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار اليڪشن ورڪ جاري رکن شھر ۾ گھر گھر ورڪ شروع ڪبو 20 جولائي تي چوھڙجمالي شھر ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي . ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي جمھوري پارٽي آھي جيڪا ھر وقت ھتان جي عوام سان ھر وقت ڏک سک ۾ گڏ رھي آھي . عوام پاران ھر ڀيري سٺي موٽ ڏيندي ڪامياب ڪيو آھي . 24 جولائي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا سجاول ضلع مان سمورا اميدوار ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا. ان موقعي تي سيٺ محمد ميمڻ چاند رائيس مل ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ پ پ اميدوار علي اصغر جمالي سڪندر اعظم ميمڻ . شڪيل احمد کٽي. محمد عثمان ميمڻ، ھوت خان سنجراڻي، رياض احمد سسيو، دين محمد ملاح، نوشاد ڪٽائي ۽ ٻيا موجود ھئا .

  • بلڙي شاهه ڪريم ۾ چونڊ مهم، اميدوارن پاران گڏجاڻيون

بُلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران يونين ڪاؤنسلون بلڙيءَ تي نامزد اميدوار براءِ ضلع ڪائونسل ميمبر رئيس  امجد مگسي جي حق ۾ سندس ڀاءُ رئيس ابراهيم مگسيءَ پاران يوسي بلڙيءَ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو جاري جڏھن تہ اڄ پ پ اڳواڻ رئيس محمد ابراهيم مگسي رئيس امجد مگسي رئيس غلام نبي مگسي رئيس سليمان مگسي رئيس عبدالعليم مگسي ديدار مگسي سيد سجاد پپو شاهه.  رئيس ذوالفقار رند مختلف ڳوٺن جا دورا ڪندي ديھ شورڪيءَ جي ڳوٺ خداڏنو لاشاري پھتا جتي ڳوٺ خداڏنو لاشاري جي ماڻھن پاران سندن شاندار آڌرڀاءُ ڪري سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ مقاني چونڊن دوران کين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

  • بدين ۾چونڊ سرگرميون تيز، پ پ اميدوار جي ريلي

بدين ( پ ر ) بدين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران چونڊ سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن، وک وک تي پ پ جا بينر، جهنڊا ۽ پينافليڪس لڳائي ورڪ مهم تيز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پ پ جا جيالا ڪاميابي لاءِ پرجوش آهن، ٻئي طرف عوام پڻ پ پ اميدوارن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران وارڊ نمبر 11 تي نامزد اميدوار پير محمد صالح قريشي جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي پير محمد صالح قريشي جي رهائشگاهه کان نڪتي، جيڪا ڊي سي چوڪ کان ٿيندي شاهنواز چوڪ، شهباز روڊ، الياس ڪالوني، عابد ٽائون کانپوءِ باءِ باس تي موجود ڪئمپ تي پهتي، جتي ريلي جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو، پ پ جي ريلي نئين واهه جي موري کان ايوان صحافت ۽ پريس ڪلب تائين پهتي، جنهن بعد مين روڊ ڪراچي تي قائم ڪئمپ تي پهچڻ تي ڪارڪنن ڀرپور آجيان ڪئي ۽ گلن جي ورکا ڪري پ پ اڳواڻن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، ڪارڪنن پارٽي جي گيتن تي جهمريون پڻ هنيون، ريلي کي مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي پ پ اميدوار پير محمد صالح قريشي چيو ته بدين جي عوام پاران پ پ کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، انشاءُ الله 24 جولاءِ تي عوام پ پ جي اميدوارن کي ڀرپور نموني ڪامياب ڪندو، هن چيو ته چونڊن ۾ ڪاميابي بعد عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي،  ان موقعي تي  پ پ ڪارڪن نواب علي پنهور، نور محمد ملاح،  مجيد ملاح،  امين ملاح، آصف جمالي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ جا 8 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

ٽنڊومحمدخان ( رپورٽ حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ مڪاني چونڊ جي ٻئي مرحلي ۾ وفاقي وزير ، ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ، صوبائي خاص معاون ، ايم پي ايز جي سياسي مداخلت ، آزاد اميدوارن کي هٿ کڻائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ، پ پ مخالفن اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران حڪمران پارٽي جي وفاقي وزير تجارت سيد نويد قمر ، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري ، وڏي وزير جو صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ، وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد ، ايم پي اي عبدالڪريم سميت بااثر شخصيتن علائقي ۾ پ پ مخالف آزاد اميدوارن تي زور ڀار ۽ پنهنجا ذاتي واسطا استعمال ڪندي کين چونڊ مرحلي کان اڳ ئي هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا 8 ضلعي ڪائونسل جا پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن ، يونين ڪائونسل جي 10 چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمين اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن ، پ پ ضلعي ڪائونسل جي 28 ميمبرن مان پنهنجا 8 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ڪرائي ورتا آهن ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ ، وائيس چيئرمين توڙي ضلعي جي 28 يونين ڪائونسلن ، 2 ٽائون ڪميٽين ۽ 1 ميونسپل ڪميٽي ۾ پ پ پنهنجي ڪاميابي کي سرسي حاصل ڪرائي ورتي آهي ، پ پ جي مخالف جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ مير سجاد علي ٽالپر ، جان محمد ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جو وفاقي وزير ، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ، صوبائي صلاحڪار ، صوبائي خاص معاون ، ايم پي ايز ، سرڪاري مشينري کي استعمال ڪري پنهنجي مخالف آزاد اميدوارن کان زبردستي هٿ کڻائي رهيا آهن جنهن جو اليڪشن ڪميشن کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ، پيپلز پارٽي جي جمهوريت پسند هجڻ واري دعوا غلط ثابت ٿي رهي آهي ، پيپلز پارٽي هاڻي پنهنجي مخالفن کان شڪست جي خوف سبب منٿ ميڙ وسطيداري سان گڏ زبردستي هٿ کڻائي غيرجمهوري روايت کي فروخ ڏنو آهي جيڪا جمهوريت پسند جماعت جي دعوا کي رد ڪري چڪي آهي ، هنن اهو به چيو ته عوام کي 24 جولاءِ تي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کي شفاف بنائڻ لاءِ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي اندر فوج جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي.

  • ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ سڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ سڪيورٽي گارڊز ۽ اضافي اهلڪارن جي مقرري جو معاملو اڪلايو ويو  آهي . اھڙو بيان جي پڌرائي ۾ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آهي . ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران سڪيورٽي جا جامع انتظام ڪيا ويا آهن، 40 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو ته ڪراچي پوليس کي افرادي قوت جي کوٽ ناهي پر اليڪشن هڪ وڏو ايونٽ آهي جنهن ۾ غيرمعمولي تعداد ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته سنڌ مان 14 هزار پوليس اهلڪار موڪليا ويندا، ڪراچي پوليس جا 28 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته هر انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 8 جوان جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي 4 جوان مقرر ڪيا ويندا. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو ته پولنگ اسٽيشنن کان علاوه روڊن ۽ رستن تي پوليس اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو جو هو ته ٻين ادارن کان به مدد ورتي ويندي  ته جيئن وڏي چونڊ مهم لاءِ باقائده افرادي قوت مڪمل ڪري سگهجي.اليڪشن دوران پوليس ايڪسائيز پوليس، فاريسٽ گارڊز، نيشنل رضاڪارن کان به مدد وٺندي . ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو ته ڪجهه وومين ٿاڻن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي به مقرر ڪيو ويندو . ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي. ته جيڪڏهن ٿوري به کوٽ آهي .\ته سيڪيورٽي گارڊز کي مقرر ڪيو ويندو . جنهن جا خرچ اليڪشن ڪميشن ادا ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.