ميهڙ ۾معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 7 ماڻهو زخمي

ميھڙ ( س ر ) ميهڙ ٿيٻا روڊ مختيار شاه ڪالوني ۾ کوسه ۽ چنه برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران  ڏنڊا ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڌرين جا 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ھڪ ڌر جا بشير احمد چنو، انصاف چنو، صداقت چنو ۽ ٻي ڌر جا محمد نواز کوسو، فراز کوسو ،عمران علي کوسو ،عامر کوسو شامل آھن ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي، ميهڙ پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي زخمين کي طبي چڪاس وارو ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ميهڙ موڪلي ڇڏيو تعلقه اسپتال ميهڙ پاران زخمين کي طبي امداد بعد ڌرين جي زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي ميهڙ پوليس ڪا به ڪاروائي نہ ڪري سگھي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.