فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جي گهر تي ڇاپو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب هڪ مهانگي ڪمرشل پلاٽ جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ جي الزام ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي زال بسريٰ بي بي جي ويجهي ساهيڙي فرحت شهزادي عرف فرح خان جي لاهور ۾ رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو.

اختيارن موجب هڪ بوس ڪمپني ٺاهي فيصل آباد ۾ 60 ڪروڙ رپين جو ڪمرشل پلاٽ 8 ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪرڻ ۾ مبينا طور تي ملوث هجڻ تي اي سي اي فيصل آباد جي ٽيم فرح خان جي رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو.

اي سي اي طرفان درج ڪيل ڪيس ۾ فرح خان، سندس ماءُ ۽ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊيولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ جي ڪجهه آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو، فرح خان گذريل ٽن مهينن کان متحده عرب امارات ۾ موجود آهي.

اي سي اي فرح ۽ سندس مڙس جي ملڪيتن جي جاچ ڪري رهي آهي، انڊسٽريل اسٽيٽ جي ٻن اهلڪارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.