چيني موبائيل ڪمپني ويوو پنهنجي گهٽ بجيٽ وارن واهپيدارن لاءِ ٻه نوان ماڊل لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هن نئين ماڊل کي ويووٽي 1 ايڪس نالي سان ٻه ويريئنٽس فور جي ۽ فائيو جي ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ويووٽي 1 ايڪس عالمي مارڪيٽ ۾ويهه جولاءِ کان وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو.
جڏهن ته ڪجهه ملڪن ۾ ويووٽي 1 ايڪس جا ٻئي ماڊل ويريئنٽس لانچ ٿي چڪا آهن.
ويووٽي ون ايڪس فائيو جو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ويريئنٽ 1699 يو آن ( 52 هزار 7 سئو پاڪساني رپين) ۾ وڪرو ٿيندو.
ويووٽي ايڪس فور جي وارو 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج سان گڏ 649 ملائشين رنگِٽ ( 30 هزار 600 پاڪستاني رپين ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو، جڏهن ته ڀارتي مارڪيٽ لاءِ هنيئر تائين ان جي اگهن بابت تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.