بلال ڪاڪا ڪيس ۾ ڪوتاهي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جي نااهلي ۽ ڪوتاهي جي نتيجي ۾ قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا واري واقعي بعد سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. هر طرف ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي پر پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي اڳتي وڌي سگهي آهي. پوليس رڳو شڪ جي بنياد تي اڳ گرفتار ڪيل جوابدار شاهه سوار پٺاڻ جي ڀاء افضل پٺاڻ سميت وڌيڪ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي. اهي گرفتار ٿيل به ڪيس ۾ نامزد ناهن. جڏهن ته حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او به پنهنجي جاءِ تي اڃا تائين موجود آهي. 4 ڏينهن گذرڻ باوجود بلال ڪاڪا ڪيس ۾ نامزد صرف هڪ جوابدار شاهه سوار پٺاڻ گرفتار ٿيل آهي. جنهن جو پڻ ٻن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ڪالهه سخت پهري هيٺ فورٿ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت جي پيش ڪيو ويو. جتي پوليس عدالت کي جوابدار جو 12 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. پر عدالت رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي لاءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پوليس بلال ڪاڪا جي وارثن سان اهو واعدو ڪيو هو ته قتل واري ڏينهن جي شام تائين سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويندو ۽ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پر هن وقت تائين پوليس نامزد صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آهي. باقي سمورا جوابدار پوليس جي پڪڙ کان آجا آهن ۽ ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي وارا قلم شامل نه ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي وقت به پوليس جي نااهلي ۽ ڪوتاهي جون ثابتيون مليون هيون ۽ هن وقت تائين به پوليس ڪيس کي هلڪو وٺي رهي آهي. جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ان واقعي بعد سخت ردعمل سامهون آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.