عيد جون واڌايون يا مهانگائي جو ڏوراپو

تحرير: حميده گهانگهرو

ملڪ جون ننڌڻڪيون حالتون ۽ بي حسي جا غلاف پاتل انتظاميا حڪمران، اهي ادارا جن جي اهم ذميواري هئڻ گهرجي. جمهوريت جي معنيٰ عوام جي حقن جي پاسداري ڪرڻ وارا حڪمران ورهاست جي ورثي ۾ آيل ذميدارن جي فرض شناسائي لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ مهذب ترقي يافته ملڪن جي نشاندهي تي پنهنجي ملڪ جي مسئلن ڏانهن خاص توجهه ڏئي آسان ڪرڻ جون ڪوشش ڪرڻ، ملڪ کي آئيني، قانوني دائري ۾ رکي عوام کان قيمتي ووٽ جو حق وٺڻ فرمانبردار فرض شناسائي جو نڀاءُ ڪندي هر ماڻهو قيمتي ووٽ ڏئي پنهنجي چونڊيل نمائندن کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ڪامياب ڪندو. سندن اها روش هڪ جمهوري ملڪ لاءِ جمهوريت پسندن واري هوندي ۽ اقتدار ٺهندو هر اداري جون وزارتون ورهايون وينديون. عوام پنهنجي پسند جي نمائندن کي وزارتون ملڻ تي سرهائيندا. پر پوءِ خبر تڏهن پوندن جڏهن گرمي تپش جي اوڙاهه کان وڌيڪ جيئڻ جا سڀ حق ڪندي ڪچلندي نظر ايندي. هڪ ووٽ جي قيمت ڇا هوندي آهي سمجهڻ گهرجي ته ڳليءَ جي عام گهر ۾ رهندڙ ملڪ جي وڏي ايوان جي آرامده ٿڌي ڇانو ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويهارڻ جي آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ڪرسيءَ تي ويٺل اڳواڻ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عوام آڏو هٿ ٻڌي واعدا ڪري خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريندو. عوام سندس ڪيل واعدن تي خوش ٿي جهمريون هڻندو ۽ پوءِ عوام هٿ ٻڌي منٿون ڪري پيا حق گهرندا. سندن جمهريون، نعرن، احتجاجن ۽ بک هڙتالن ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ ڇو ته ٿيڻ سندس بنيادي حق بجلي، پاڻي گئس ته اڻ لڀ صرف بلن ۾ نظر ايندي ته هن ترقي پذير ملڪ ۾ مهذب  معاشرو ٺاهڻ لاءِ اهي روشنين جي شهر ۾ سائنسي ترقي جا اهڃاڻ نظر ايندا. ٻئي پاسي مهانگائي جا پهاڙ پئٽرول مهانگو معنيٰ کائڻ، پيئڻ، زندگيءَ جي جيئڻ جا سڀ ضروتون ۽ ذريعا به پهچ کان ٻاهر مهانگائي جو طوفان واچوڙي وانگر پيو انسانن کي گهمريون ڏيندو. ڇا وٺجي پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌي ۽ واپرائڻ جون شيون يا گهر ۾ ضعيف ماءُ ماءُ کي ضنعيفي جون وڪوڙيل بيماريون جون دوائون، ننڍڙن ٻارن لاءِ پڙهڻ لاءِ ڪتاب يا پيٽ ڀرڻ لاءِ اڻ ڪڻا. آخر ڪهڙي بيماريءَ جو ڪهڙو علاج وبائو، وائرس يا بک مفلسي، بي روزگاري، غربت اميرن جون عياشيون ڀتا خورن جون بدمعاشيون اشرافيه جي چور بازاري، ڪرپشن، ڪنهن ڪنهن کي غريب عوام منهن ڏئي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪربلا ۾ پاڻيءَ جو بحران هو الزام يزيد تي آهي. ظلم ۽ انصافي جو شڪار ملڪ جي صحيح ورهاست نه هئڻ ڪري ڪهڙي يزيديءَ جي ڳولا ڪجي. ملڪ جي آزاديءَ جا جهنڊا 14 آگسٽ تي ته نظر ايندا. پر سڄو سال ظلم بربريت ۽ لاشن جا انبار، بم بلاسٽ باهيون، اغوا، قتل جون وارداتون،معصوم ٻارن جو اغوا ۽ پوءِ لاش ملڻ، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو حالتن کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ. گهر جون ڳنڀير حالتون ڏسي نوجوان  منتشر ذهن سان محبت جي آڙ ۾ غلط فيصلا ڪرڻ گهر آباد ڪرڻ بجاءِ پوءِ اهو چوڻ ته حڪومت تحفظ ڏئي. مامتا جي ٿڃ اندر به سندن زبان هيٺان هوندو ته پيار جو پرڻو ياد ايندن. دراصل سماج جي بي حسي، روين جي بعاوت صحيح رستي بجاءِ گمراهيءَ ڏانهن وڃي رهي آهي.

سماج جا مسئلا غربت جا مسئلا، غريب، غريت جي لڪير کان هيٺ وڃي رهيو آهي. 60 سال پوئتي جي ملڪ جي حالتن ۾ عام ماڻهو ترقيءَ جو سوچي جديد ٽيڪالاجي کي خريدڻ جي سگهه رکي پيو. اڄ ماڻهو زنده آهي ته تڏهن به مرده زندگي جيئي پيو ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به مرده جسم کي قبرستان نيئڻ مسئلو آهي. زنده ماڻهو گهر جو ڪرايو ڀري يا پيٽ ڀري. مردي جي لاءِ قبر جي قيمت به زنده رهڻ واري جي گهر کان وڌيڪ آهي. هن ملڪ ۾ مردي کي دفنائڻ لاءِ به ڪو شرعي قانون ناهي ته آخر ڌرتيءَ ماءُ جي جهول هن کي مفت ۾ ملي. قبرستان جو نظام به ٻه طرفو ۽ طبقاتي بنيادن تي آهي. اسلامي جمهوري پاڪستان ۾ قبر جي قيمت ڏيڻ کانسواءِ مڙدو اُس ۾ پيو هوندو.

مهانگائي جي اوڙاهه ۾ اٽو، اجهو، لٽو ڏيڻ بجاءِ جسم ڍڪڻ لاءِ ڪنهن اجهي ڏيڻ بجاءِ قبر ۽ پيٽ ڀرڻ بجاءِ فاقه ڪشي ملندي پوءِ  ٻيا مائٽ خيرات جي ماني ورهائي مردي کي تسلي ڏيندا. جيڪي ڪنهن به مهذب ملڪ جي سڃاڻپ بجاءِ ڇڙواڳ ۽ غير انساني رويا چئي سگهجن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري آهي جو آئين قانون مطابق ملڪ کي هلائڻ بدران واڳ ڌڻي غير ذميواريءَ جا رويا پيدا ڪن ٿا.

وڏي زور شور سان حڪمرانن تي تنقيد هوندي ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ ۾ سندن هٿ آهي. جڏهن نعرا هڻندڙن جو وارو ايندڙ ته اڳ کان اڳرا دعويٰ ڪندڙن به پونيئرن جي رنگ ۾ رنڱجي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا. غريب عوام جون اميدون ڄڻ سونامي ۾ لڙهي واپس سمنڊ جي تهه ۾ پهچي وينديون.

اولهه اوڀر جو تصور ڏيندڙ آزاد ملڪ ڪيتري خونريزي، لڏپلاڻ جي مصيبتن پريشانين جي ڌٻڻ ۾ اڄ به وڪوڙيل نظر اچي رهيو آهي. ڀلو ٿيو اولهه وارين رياستن جو جن ڪيترين قربانين کان پوءِ آزاديءَ جي صحيح تصور رکي زنده رکيو آهي ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ ترقيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهن. انهيءَ مهل اولهه جي رياست رڳو  اولهه جي تعبيداري ۾ ملڪ کي قرضن جي ڪاري چادر ۾ ويڙهي رکيو  آهي. ملڪن ۾ بيشڪ گهوٽالا ايندا آهن، عالمي ناڻي جي ورڇ جا اثر ملڪن تي پوندا آهن پر ترقي ڪندڙ ملڪ ترت پنهنجي معيشت کي بچائيندي ڏيوالپڻي مان ڪڍي ايندا آهن. جيئن ڪجهه سال اڳ دبئي ۾ آيل بحران جي ڪري هنن پنهنجي ملڪ ۾ آيل ڌارين توڻي جوکڻي سندن وڏا ڪاروبار هئا جيڪي ملڪي معيشت کي فائدو پيا ڏين تڏهن به انهن کي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو پر وري دبئي جڏهن ڏيوالي مان نڪتو ته اڄ اهو ننڍڙا ٻيٽ نما ملڪ به دنيا ۾ ڪر کنيو بيٺو آهي هنن کي ملڪ بچائڻ لاءِ سسٽم ٺاهڻو پيو.

ٽين دنيا ۾ سرفهرست  پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي معيشت جي تباهيءَ ڪري انساني جانين جو بي وقتو ضايع ٿيڻ ۽ سوچ سمجهه توڙي ترقيءَ جا رستا قيد ٿيندي نظر ٿا اچن.  آزاد ۽ خودمختيار، ملڪ عوام جي بنيادي حقن جي سگهاري قوت بڻجي، صحيح ۽ وقت تي انصاف ۽ حق ڏيڻ سان، سڃاڻپ جو دائرو وسيع ڪري سگهن ٿا.

اڄ عيد جو ڏينهن آهي. مان سوچيان ٿي هن موقعي تي عوام کي عيد جون واڌايون ڏيان يا حڪمرانن کي مهانگائي جو ڏوراپو!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.