ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق سان رابطو ڪري ورتو.
توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان رابطو ڪيو.
صوبائي وزير امتياز شيخ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي پيداوار وڌائي وڃي.
هن توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير کي چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام ذهني اذيت ۽ پريشاني جو شڪار آهي.
وفاقي وزير خرم دستگير کيس خاطري ڪرائي ته سنڌ ۾ بجلي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.