قمبر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن جو مڪاني چونڊ دوران يوسي ٻير ۾مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج

قمبر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن پاران مڪاني چونڊ ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حافظ عذير جاگيراڻي، مولانا گل انقلابي، يونس لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس جي مک گيٽ آڏ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته 26جون تي مڪاني چونڊن دوران يوسي ٻير جي صوبيدار ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر لاءِ بيٺل جي يو آءِ جي اميدوار گل انقلابي ڪامياب ٿيو جنهن جون رات جي پيٽ ۾ نتيجو تبديل ڪري پ پ جي اميدوار کي ڪامياب ڪرايو ويو.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته راتو رات ڌانڌلي ڪري نتيجا تبديل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، بنا دير ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.