وارهه جي 10 وارڊن مان 6 تي پ پ ڪامياب، 4 هارائي وئي، ش ڀ ۽ ٽي ايل پي جو احتجاج

وارھ (رپورٽ:منظور قريشي) وارھ تعلقي ۾ مڪاني چونڊن دوران پيپلز پارٽي، جميعت علماءُ اسلام ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ وڏو دنگل ٿيو،پ پ شھيد ڀٽو ۽ تحريڪ لبيڪ اميدوارن ڌانڌلين جا الزام لڳائيندي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. مختلف پولنگ اسٽيشنن جي وزٽ دوران اليڪشن ڪميشن جي ڪوتاهين سب عملي جي کوٽ، ناقص انتظام۽ ڌانڌلي جون شڪايتون موصول ٿيون.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تعلقي جي 10 وارڊن مان  6 وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب، هڪ جي يو آءِ اميدوار ۽ 3 وارڊ آزاد اميدوار کٽي ويا،جنهن ۾ ٽائون جي ھر ھڪ وارڊ نمبر 5 ۾ احمد علي سوڍر 858 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو،  وارڊ نمبر 6 ۾رستم سوڍر 542 ووٽن سان ڪامياب، وارڊ نمبر 2 تي مختيارچانڊيو 247 ووٽن تي ڪامياب رھيو، وارڊ نمبر 9  ۾ شھزاد حسن ناصر 251 ووٽن سان ڪامياب وارڊ نمبر 4 تي عبدالواحدڇٽو 585 ،ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوارعبدالغفار بروھي بنا مقابلي ڪامياب رھيو. جڏھن ته ،ٽائون وارڊ نمبر  هڪ تي آزاد اميدوار صادق علي تنيو 645  ووٽ کڻي ڪامياب رھيو، ٽائون جي وارڊ 7 ۾ سرتاج احمد چانڊيو، 420 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 10۾ اوشاق چانڊيو 288 ووٽن سان ڪامياب، وارڊ نمبر 8 تي جميعت علماءُ اسلام جو اميدوار محمد صديق مڱڻيجو 443 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو جڏھن ته پ پ سٽي صدر قيصر خان ڇٽو، رحيم بخش ٻگهيو،سليم تنيو، بشير خان چولياڻي ھارائي ويا،آزاد اميدوار محمد صلاح چانڊيو، سرويچ چانڊيو، مظھر ڇٽو،فهدچولياڻي،عدنان ڪريم ڇٽو، جئڪال ڪلهوڙو، ايازکهاوڙ،ھارائي ويا.ٻئي طرف وارڊ نمبر 10۾پ پ شهيد ڀٽو جي اميدوار نياز حيدري ۽ يونين ڪائونسل کنڊو تي تحريڪ لبيڪ اميدوارن پاران ڌانڌلي جا الزام لڳائيندي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو، ھنن عوامي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻيھر شفاف اليڪشن جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.