بجيٽ ۾ لڳايل ٽيڪس ۽ غريب عوام 

رياض ابڙو 

عام ماڻهن جي لاءِ وڏي ۾ وڏي خوشي اها به هوندي آهي ته اهي پيٽرول مهانگي ٿيڻ کان اڳ پنهنجي گاڏي جي ٽانڪي ڦل ڪرائي ان ڳالھه  جي تسلي ڪندا آهن ته اڄ انهن ڪيترا پئسا بچايا، پيٽرول يا ڊيزل جي قيمتن وڌڻ جي خوف کان پيٽرول پمپن تي رش ڪري بيهڻ به هڪ خوشيءَ جي علامت آهي، پر اٻوجهھ عوام اها رش ڪڏهن حڪومتي، ڪنهن وزير جي گهر جي آڏو ڪري نه ٿو بيهي، ان ڪري اهڙي بي حسي ۽ چپ تي وزيرن کي پڪ ٿي ٿي وڃي ته عوام ڪجھه به نه ڪري سگهندو، رياست سان ڪير ٽڪرائيندو، ان ڪري سرڪار کي جيڪو سمجھه ۾ اچي اهو پئي ڪري، مثال اهو عوام مارڪيٽ ۾ دوڪاندارن سان ڳنڍجي ٿو پئي پاڻ ۾ ويڙھ لائي ٿا ڏين، پر حڪومت جي مهانگي پيٽرول ۽ ڊيزل تي سول سوسائٽي يا ڪا سياسي پارٽي ٻَڌِي ڪري روڊن تي نه ٿي نڪري يا سياسي پارٽيون يا سول سوسائٽي جا نمائندا نڪري نه ٿا اچن، جيئن دنيا ان ڳالھه  کي سمجهي ته هي عوام ڪڏهن به انهن جي وڌايل پيٽرول جي اگهن تي راضي نه ٿيندو، پر اها به حقيقت آهي انفرادي آواز ٻڌڻ ۾ ناهي ايندو پر اجتماعي آواز ٻڌڻ ۾ گھڻو ايندو آهي ۽ اجتماعي آوازن ۽ احتجاجن کي بين الاقوامي ڌريون ٻُڌي به سگهن ٿيون ته هي عام ماڻهو هاڻي پيٽرول جي اگهن مان تنگ اچي ويا آهن ان ڪري انهن جي پيٽرول جا اگھه نه وڌائجن، ان ڪري اجتماعي آواز ضروري آهي، ماضي ۾ رڳو پيٽرول تي ڏھ روپيا به وڌندا هيا ته مخالف ڌريون اٿي پونديون هيون پر هاڻي ڪا به سياسي ڌر سامهون نه ٿي اچي ان ڪري ته جيڪي به آوزا اٿارڻ وارا يا عوام جي ڳالھه  ڪرڻ وارا هيا اهي پاڻ ويٺا ٿا ڌمڪيون چاڙهن ته پيٽرول اڃان وڌندو هو جيڪي به سخت فيصلا ڪندا عوام هنن کي اُف به نه چوندو، اهي سمجهن ٿا آوزا اٿارڻ وارا پاڻ ماضي ۾ ايتري مهانگائي ڪري ويٺا هيا هاڻي اهي ڪهڙي نڪ سان يا ڪهڙو منهن وٺي سياست ٿا ڪن، جيڪي عوام جا هڏڏوکي آهن اهي پاڻ ويٺا ٿا عوام کي مُڏي ڪاتيءَ سان ڪهن ته پوءِ ڪڇي ڪير؟

يا هر روز ان ڳالھه  جو ٻُڌي به عوام ۾ خوشي جي لهر ايندي آهي ته ڊالر 35 پئسا سستو ٿي ويو آهي ۽ عوام جهمريون هڻي پر ٻئي ڏينهن تي ساڳو ڊالر وري ٻه روپيا يا پنج روپيا چڙهي به ويندو آهي، ايئن دوائن جي قيمتن تي 35 پئسا يا 15 پئسا ڏسي ان ڳالھه  جي حيرت وٺندي آهي ته اهي پئسا فقير به نه ٿو وٺي پوءِ جڏهن سڪي جو قدر ئي ناهي ته انهن پئسن جي لکڻ، وڌائڻ يا گھٽائڻ سان ڪهڙو فائدو، ان ڪري ڪاروبار ۾ جيڪا به وٺ سٺ ٿئي ٿي اها ته ٿئي ئي ڊالر ۾ ٿي ته پوءِ ڊالر ته وڌندو يا هاڻي هنن حڪومتي ڌرين ڊالر تي ”ڪيپنگ يا سيلنگ“ هڻي ڇڏي آهي ته ڪير به لمٽ کان مٿي ڊالر خريد نه ڪندو پر ڳالھه  اها به آهي ته خريد ڀلا ڇو ڪري ۽ ڪندو ڇا؟ يا اشرافيا طبقو ڊالر مهانگو ڪري پنهنجو پيٽ ٿو پالي، پنهنجون عياشيون پوريون ٿا ڪن، يا پيٽرول پمپ تي پيٽرول جا اگھه روپين سان گڏ پئسن ۾ به لکيل هوندا آهن پر اهي پئسا ڳڻي يا وٺي ڪير ٿو، پر جنهن حساب سان هي حڪومت وارا هلن ٿا، سڀاڻي يا ايندڙ وقتن ۾ جيڪي به ٻيا حڪمران ايندا اهي ته ايتري مهانگائي ڪندا جو انهن پئسن جي جاءَ تي ڏهائي کانپوءِ روپيا نه لکجي اچن جو روپئي جي ويليو وڃي پئسن واري رهندي،  سڪي جي قدر ۾ جيڪا روز روز گھٽتائي ٿي اچي اها ڪنهن حد تائين رڪجي نه ٿي سگهي ان ڪري واپار ٿئي ئي ڊالر ۾ ٿو.

چين، روس ۽ آمريڪا جي معاشي جنگ ۾ جيڪر ڀلو پاڪستان جو ٿي پئي ۽ واپار روبيل يا يوئان ۾ ٿئي ته جيڪر ڊالر جي آزار مان جان ڇٽي پئي ان ڪري ته ڊالر ۾ ورتل پيٽرول يا ڊالر ۾ ڪيل واپار ته ڳچيءَ ۾ ٿو پئي ۽ مهانگائي جو ريشو وڃي ٿو وڌندو، ڇو ته شهبازسرڪار هڪ ڌڪ ۾ 85 روپيا تيل جون قيمتون چاڙهي ڇڏيون آهن جنهن مان مراد اها به آهي ته مهانگائي 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ وڌندي ، حڪومت جي پوءِ اها شماريات ڪنهن ڪم جي نه هوندي ته مهانگائي جو ريشو 7، 10 يا کڻي ويھه سيڪڙو هوندو ان ڪري جو ايندڙ مني بجيٽ ۾ به هي ڪلور ڪندا ۽ ماڻهن کان رڙيون نڪري وينديون، پر شهبازسرڪار ۾ اهو به افغال ناهي ته هي ڪنهن صورت آءِ ايم ايف سان معاهدا روڪي رکن يا چين کان قرض پکا نه وٺن ۽ بيروني سيڙپڪارن کي به دعوت ڏين ته اهي به اچي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪن پر حيرت اها به آهي ته ملڪ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ خطي جي مٽجندڙ صورتحال يا گھڻي ڀاڱي طالبان جي ڪاررواين جي ڪري سيڙپڪار نه ٿو اچي، ان ڪري جو جيستائين مينوفيڪچرنگ يونٽ ترقي يا توسيع نه ڪندا تيستائين ترقي به ممڪن ناهي ان ڪري چائنا جي اربين روپين جي امداد اسان جي ملڪ جي لاءِ ”ڪاٺ جو سُرو“ آهي جيڪو ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيندو ۽ اها ڳالھه  حڪمرانن کي سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته سڀاڻي هن خطي جو يا هن ملڪ جو ڇا ٿيڻو آهي.

اها ڳالھه  به مڃڻ گهرجي ته هر ماڻهو ڪنزيومر آهي، هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي شيون استعمال ٿو ڪري، ان ڪري هاڻوڪي ٽيڪس نيٽ يا ٽيڪس بيس وڌائڻ سان ۽ سپر ٽيڪس لڳائڻ سان سڄو بار وري به عوام تي پوندو مثال لوھ جون قيمتون جي وڌنديون ته عمارتن ۾ استعمال ٿيندڙ لوھ مهانگو ٿيندو، جي لوھ مهانگو ٿيندو ته ان جو اثر عام ماڻهن تي پوندو، ان ڪري غريبن جي همت کان ڳالھه  چڙهي ويندي جو اهي به ڪو گھر ٺاهي سگهن يا خريد ڪري سگهن، ان ڪري ان وڏي ليول واري ٽيڪس نيٽ يا ٽيڪس بيس وڌائڻ سان اثر ڦري گهري عام ماڻهو تي ئي پوڻو آهي، کنڊ، تيل، گيس، فرٽيلائيزس، ايل اين جي، ٽيڪسٽائيل، بئنڪنگ، آٽوموبيل، سگريٽ، بيوريج (پيئڻ واريون شيون يا بوتلون) جي ڀلا وڌنديون ته انهن جو بار به سڌو سنئون غريب تي پوندو، ان ڪري حڪومت جيڪا به چالاڪي ٿي ڪري يا جيڪا به حرفت ٿي ڪري ان ۾ نقصان ٿئي ئي غريب ماڻهو جو ٿو، وري جي سيمينٽ جي اگهن ۾ جي واڌ ٿيندي ته ان جو سڌو سنئون اثر به غريبن جي مٿان پوندو، ان ڪري جو هڪڙي مٿي جي سور جي ٽڪي يا بخار جي ٽڪي وٺڻ ڀيري به غريب ٽيڪس ٿو ڏئي، جن ماڻهن جي پگهارن مان ٽيڪس ڪٽجي ٿي، پوءِ اهي به هر شيءِ تي ٽيڪس ڇو ڀرن، مثال جيڪي به ٽيڪس پيئر يا ٽيڪس ڀريندڙ آهن انهن جي مٿان پوءِ گاڏي يا ڪا ٻي شيءِ وٺڻ سان انڪم ٽيڪس لاڳو ناهي ٿيندي ان ڪري جو اهي فائيلر آهن پر عام ماڻهو به جڏهن هر شيءِ تي ٽيڪس ٿو ڀري ته اهو وري پگهارن مان ٽيڪس ڇو ڪٽرائي، ان ڪري پيٽرول جي مٿان به جي ايس ٽي، فيڊرل ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس به لڳي ٿي ۽ عام ماڻهو به اها ٽيڪس ٿو ڀري مثال پيٽرول گهرائڻ وارا يا امپورٽ ڪراڻ وارا اوگرا کي ٽيڪس ٿا ڏين، وري اهي جڏهن ريٽيلر وٽ (پيٽرول پمپ) پڄائن ٿا ته اهو پيٽرول پمپ وارو به ٽيڪس ٿو ڀري، ڦري گهري جڏهن عام ماڻهو پيٽرول يا ڊيزل پنهنجي گاڏي ۾ ٿو ڀرائي ته وري به هر لِيٽر تي ٽيڪس ٿو ڀري ساڳي ڳالھه  ٿي وئي ته بجلي ٺاهڻ وارا به ٽيڪس ڀريندا، بجلي جي ڊسٽريبويشن يا بجلي ورهائيندڙ به ٽيڪس ڀريندا ۽ بجلي استعمال ڪندڙ به ٽيڪس ڀريندا، ڇو ته شهبازسرڪار هر ماڻهو تي ڦيرائي ڦيرائي ٽيڪس هنئي آهي، پوءِ مهانگائي به ٻيڻ چئوڻ يا سو سيڪڙو ٿيندي يا اڃان به وڌندي رهندي ۽ روپئي جي قدر ۾ استقامت يا ٺارُ ناهي ۽ ان ڪري ڊالر وڃي ٿو وڌندو بيهي نه ٿو.

هاڻي ته هر شيءِ ڊالر سان ڪنيڪٽيڊ آهي، جي ڊالر وڌندو ته مهانگائي به وڌندي، ۽ هڪ ڳالھه  مهڙ کان ٻُڌي ٻُڌي ڪن ئي پچي پيا آهن ته حڪومت بجيٽ ڊيفيسٽ ۾ ڦاسي پئي آهي، حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽن جي خساري ۾ آهي، خزانا خالي لڳا پيا آهن، انهن جي پورت جي لاءِ اهي پئسا ڪڏهن سعودي کان وٺي ڪرنٽ اڪائونٽن جا خسارا پورا ٿا ڪن ته ڪڏهن چين کان 14 سيڪڙو وياج تي وٺي خسارا پورا ٿا ڪن ته ڪڏهن آءِ ايم ايف جا ”بيل آئوٽ پيڪيج“ وٺي ڪم ٿا هلائن ۽ بجيٽ جو پورائو ٿا ڪن، پوءِ جيئن آءِ ايم ايف چئي هي ڪندا ويندا ان ڪري ته هڪڙا شرط پورا ٿا ڪن ته هنن کي سڪوڪ بانڊ ٿا ملن معني ادارا گروي ٿا رکن، جيئن هاڻي هي سڪوڪ بانڊن جي بدلي اسٽيل مل، ريلوي، پي آءِ اي، بجلي جي پيداواري صلاحيتن وارا ادارا، گيس جا ذخيرا يا ڪي ٻيا ادارا جيڪي به حڪومت جي تحويل ۾ آهن اهي آهستي آهستي ويندا گروي رکندا ۽ ويندا قرض وٺندا پوءِ ڏيوالي جي ويجهو ايندا ويندا، پوءِ عوام تي ٿورو ڪندا ته اسان پيٽرول جا اگهھ وڌائي ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو آهي يا عوام روپيو روپيو ڪري ملڪ کي ائين ئي ڏيوالي کان بچائيندو ان ڪري آءِ ايم ايف کان وڏن شرطن تي قرض کڻڻ به غريب عوام جي غلطي آهي جو اهي هن ملڪ جا غلطي سان باشندا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.