پيپلز پارٽي پنهنجي شڪست ڏسي غنڊه گردي تي لهي آئي: صفدر عباسي

لاڙڪاڻو:  ان موقعي تي ايم پي اي معظم علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالفن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڊي آر سي جو هڪ آرڊر ڏيکاري ڪاروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ان تحت بئريسٽر اختر جبار شيخ کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو . جي يو آءِ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جون چونڊون ڪرايون هيون ته بلاول ڀٽو زرداري نتيجن جو اعلان ڪري ها. پيپلز پارٽي وارا جيڪڏهن ڌانڌلي جي ذريعي جمهوريت کي زندهه رکڻ چاهن ٿا ته اهڙي جمهوريت کي الله ئي حافظ ڪجي ته بهتر آهي.   جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي شڪست ڏسي غنڊه گردي تي لهي آئي آهي پر ان جي باوجود اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ اسين انتقامي ڪاروائين کان ڊڄڻ وارو ناهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.