اوٻاوڙو ۾ ماڻهن کي لالچ ڏئي، اغوا ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو امن جي حوالي سان  ايس ايس پي اظھر مغل جي سخت ھدايتن  رانوتي پوليس جي ڪاروائي اغوا ڪار  ماڻھن کي لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو جتي رحيميار خان ٿلھي چوڪ جا رھواسين کي اغوا ڪارن لالچ ڏئي رانوتي جي ڪچي طرف گھرايو ٻه مرد ۽ ٻه عورتون اغوا ڪارن جي فون تي ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا ته خفيا اطلاع تي ايس ايڇ او ايوب ڊوگر  پوليس جي نفري ساڻ ڪري پھچي اغوا ڪارن جي فون تي ڪچي طرف ويندڙ احمدالدين ان سوٽ مائي بي بي  مائي ڪوثر سميت چئن ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ان موقعي تي ايس ايڇ او رنوتي ايوب ڊوگر ٻڌايو ته اغوا ڪار ماڻھن کي مختلف قسمن جون لالچون ڏئي رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ گھرائي اغوا ڪن ٿا ايس ايس پي صاحب جي ھدايتن تي ڪچي طرف رستن تي پوليس جو گشت وڌائي ڇڏيو آھي اغوا ڪارن جون اغواجون ڪيتريون ئي سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيون آھن ميڊيا ذريعي عوام آگاھ ٿو ڪجي ته نئين نمبر تان ڪال اچي ته انھي ڪال تي لالچ ۾ اچي ان سان رابطو نه ڪن ۽ نه وري اوڏانھن وڃن ھي سڀ اغوا ڪارن جا نمبر آھن جيڪي لالچ ڏئي اغوا ڪن ٿا انھن کان عوام ھوشيار رھي ھي پيغام ھر ھنڌ پھچائن ته جيئن ماڻھون اغوا ٿيڻ کان بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.