خاموشيءَ خابي لامي کي دنيا جو مشهور ٽڪ ٽاڪر بڻائي ڇڏيو

سوشل ميڊيا اسٽار خابي لامي پنهنجي مزاحيا وڊيوز ۾ ڳالهائڻ بنا سوشل ميڊيا صارفين کي کلائي ٽڪ ٽاڪ تي سڀ کان وڌيڪ فلو ڪئي ويندڙ شخصيت بڻجي ويو.

14ڪروڙ 29 لک فالوورز سان خابي لامي نوجوان ڊانسر چارلي ڊي اميلو کي پوئتي ڇڏي ڪري ٽڪ ٽاڪ تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيت بڻجي ويو آهي.

22ورهين جو نوجوان ڪاميڊين اولهه آفريڪي ملڪ سينيگال ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هاڻ اٽلي ۾ رهندو آهي، هو پنهنجي وڊيوز ۾ روز مرهه زندگي جي اجاين ٽوٽڪن تي بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي کل جوڳو رد عمل ڏيندو آهي، هن جي هر پوسٽ تي هن کي لکين ويوز ۽ لائيڪس ملندا آهن.

گذريل ڪجهه هفتن ۾ خابي لامي جي مداحن هن کي ٽڪ ٽاڪ تي چارلي ڊي اميليو کان اڳتي وڌڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي هئي.

انسٽاگرام تي چارلي ڊي اميليو جي 4 ڪروڙ 88 لک فالوورز جي مقابلي ۾ خابي لامي جا 7 ڪروڙ 83 لک فالوورز آهن.

2020 ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شروعاتي ڏينهن ۾ اٽلي ۾ فيڪٽري ورڪر طور پنهنجي نوڪري وڃائڻ کانپوءِ خابي لامي سوشل ميڊيا تي وڊيوز پوسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.

اهي ڏينهن هن اٽلي جي شهر چيواسو ۾ پنهنجي والدين جي گھر رهي نوڪري جي ڳولا ۾ گذاريا، هڪ ڏينهن هن پنهنجي موبائل فون تي ٽڪ ٽاڪ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ خابي لامي نالي سان اڪائونٽ ٺاهي پنهنجي وڊيوز پوسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.