زڪريا ايڪسپريس لڄالٽ ڪيس، جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ بابت اهم اڳڀرائي

لاهور ( ويب ڊيسڪ) بهاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس عورت سان زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي،

پراسيڪيوشن ذريعن موجب پنجاب فارنزڪ ليب مان جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ ملي چڪي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي تي ٽن جوابدارن جي ڊي اين اي متاثر عورت جي جزن سان ميچ ٿي وئي آهي.

پراسيڪيوشن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ 5 جوابدار گرفتار آهن.

ياد رهي ته ڪيس ۾ متاثر عورت ٽن جوابدارن جي سڃاڻپ به ڪري چڪي آهي جڏهن ته عدالت متاثر ٿورت جو بيان پڻ قلمبند ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.