اڏيرو ۾ ٻارڙي سان مبينا بدفعلي، وارثن کي وڏيرن جي ڌمڪي

اڏيرو لعل وليج / اڏيرو لال اسٽيشن (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي + سڪندر ساهووال) اڏيرولعل جي ڳوٺ الهبخش مير جت جي  رهواسي 12 ورهين جي نينگر سان ڳوٺ جي بااثر زميندار مير وليد بلوچ جي ڌنار صمد شيدي پاران جهنگ ۾ زبردستي هٿ پير ٻڌي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي وارثن پهچي کيس بچائي ورتو،واقعي بعد نينگر شھاب ساهوال جي والده روبينا ساهوال زال مصري ساهوال پنهنجي پٽن سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيندي الزام هنيا ته منهنجو معصوم پٽ ٻين ٻارن سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ ويو، جتي جوابدار صمد شيدي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، دانهڻ تي بااثر زميندار وليد بلوچ ڌمڪيون ڏيندي مونکي گارگند ڪندي چيو ته اوهان کي جيڪي ڪرڻو آھي وڃي ڪيو، اسان جو ڪير به ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي، جوابدار صمد شيدي ۽ ان جي زميندار خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.