ٻن مهينن بعد ڊالر اگهه ۾ وڏي لاٿ، 206 رپين تائين پهتو

ڪراچي ( رپورٽر) ٻن مهينن بعد انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ رڪارڊ گهٽتائي، انٽر بيئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني  رُپيو مستحڪم ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪاروبار دوران ڊالر پنج رُپين کان وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي. ڪاروبار دوران  انٽر بئنڪ ۾ ملهه ڪرڻ بعد ڊالر 206 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، ڪالهه ڊالر 211 رُپيا 93 پئسن تي بند ٿيو هو. ٻئي پاسي  اوپن  مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ 4 رپيا گهٽتائي آئي آهي، هڪ آمريڪي ڊالر 209 رپين تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ ساڍا ڇهه رُپيا گهٽتائي ٿي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.