ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اتحادي حڪومت کي سال وڌيڪ مدو ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (عوامي آواز نيوز) موجوده اتحادي حڪومت معاشي حالتون بهتر ٿيڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ تائين اقتدار ۾ رهندي ضرورت پوڻ تي آئين  موجب اتحادي حڪومت کي مدي کان هڪ سال وڌيڪ وقت به ڏنو ويندو. نامياري صحافي معظم فخر انتهائي اهم ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽي ٽي پي سان ڳالهين واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ طالبان سان ٺاهه کي پارليامينٽ جي منظوري سان مشروط ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته  ان ئي اجلاس ۾ ملڪي  معيشت تي به ڳالهيون ٿيون ۽ وزيراعظم  شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ کي سنگين معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ هڪ سال جو مدو انتهائي گهٽ آهي پر حڪومت ڏينهن رات معاشي بحران جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ڇو ته جيڪي ڏکيا معاشي فيصلا ڪيا آهن ۽ عوام تي مهانگائي جو جيڪو ٻوجهه وڌو آهي ان ۾ گهٽتائي نه آڻي سگهياسين ته مستقبل ۾ ووٽ  وٺڻ لاءِ عوام وٽ وڃڻ ڏکيو ٿي ويندو. چار سالن جو بگڙيل معاشي ڍانچو سال ۾ سڌو ڪرڻ ڏکيو آهي. ذريعن موجب ان دوران هر طرف کان اشارا آيا ته جيڪڏهن ملڪ کي معاشي ڌٻڻ  مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وڌيڪ وقت رهڻو پوي ٿو ته آئين جو سهارو وٺي  مدت ۾ هڪ سال جو اضافو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام جو مدو به سال وڌايو ويندو. جڏهن ته حڪومتي حلقن مان مسلسل اهو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه کي به مدي ۾ واڌ ڪري يا ڪنهن نئين عهدي تي مقرر ڪري اتحادي حڪومت پاڻ سان گڏ رکڻ چاهي ٿي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.