سراج دراني گورنر آهي، نسرين جليل لاءِ ڪليئرنس گهرجي: جاويد حنيف

ڪراچي( رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي جاويد حنيف ايوان ۾ نسرين جليل جي معاملي تي لڙڪ لاڙيندي چيو ته انصاف نه مليو ته اقتدار ۾ ويٺلن کي ڇڪي لاهنداسين،  بجيٽ تي بحث دوران جاويد حنيف  ڳالهائيندي چيو ته خوشي جي ڳالهه آھي ته  اسپيڪر آغا سراج گورنر هائوس ۾ ويٺو آهي ان کي هاڻي سيڪيورٽي  ڪليئرنس جي ضرورت نه آهي، اسان جي گورنر لاءِ نامزد نسرين جليل لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس گهري پئي وڃي، نسرين جليل جو والد لاهور جو پهريون ڊي سي هو ، جنهن سمن آباد جوڙيو ۽ ملڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان جو والد پي آءِ اي کي جوڙڻ وارن ۾ شامل هو، کيس جنرل ايوب نوڪري مان ڪڍيو، اڄ تائين سندس اولاد ڀوڳي پيو،  هن چيو ته اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي،  اسان پاڪستان بڻايو ، ان جي سزا پيا ڀوڳيون،  هوڏانهن بنگلاديش ۾ هو پيا ڀوڳين جن پاڪستان بچايو،  هن چيو ته اسان پارٽي ٺاهي ته ان کي ٽوڙڻ لاءِ 4 آپريشن ڪيا ويا، اسان جو مينڊيٽ چورايو ويو، هاڻي وري ٽي ايل پي کي آندو ويو آهي ته جئين رهيل مينڊيٽ به کسيو وڃي. روانڊا ۾ اسان کي ڳوليو وڃي ٿو، اسان کي اوڏانهن ئي موڪلي ڇڏيو، يا ڪنهن ٻيٽ ڏانهن ڌڪيو اسان اتي به پنهنجو چمن ٺاهي وينداسين، اسان ملڪ، جمهوريت ۽ عوام لاءِ مين  اسٽريم جي سياست ڪئي، اسان شهر جا اختيار گهريا چيو ٿو وڃي نه ڏينداسين،  سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو 140 اي جا اختيار ڏيو چوڻ ٿا ان کي نه مڃينداسين، ڪو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.