ڪراچي ۾ امين اسٽيل مل جي باهه واقعي جي مذمت ڪيون ٿا: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي ڪراچي جي خانگي امين اسٽيل مل ۾ باه واري واقعي جنهن ۾ ڪيترائي پورهيت سڙي زخمي ٿي پيا آهن جي مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي مزدورن سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر، سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري درياهه خان شيخ، رشيد سڌايو، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، لال محمد چانڊيو، غلام قمبر هاجاڻو، پروفيسر امير گل ڪٽوهر نور نبي راهوجو ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ جون فيڪٽريون مزدورن لاءِ قوس گهر بڻجي ويون آهن جتي انهن کي سوشل سيڪيورٽي جي به ڪا سهولت ناهي ملن.  اندر مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ٿيل ناهي جنهن ڪري اڪثر حادثن ۾ مزدور موت جو شڪار بڻجي ويندا آهن. هنن چيو ته هر حڪومت جي اعلان باوجود مزدورن جي پگهار ۾ به اضافو نه ٿو ڪيو وڃي هيڏي مهانگائي ۾ غريب ماڻهو ڪيئن زندگي گذاريندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.