فريد آباد۾بدامني، سري عام 3 وارداتون، ڳوٺاڻا سراپا احتجاج، ڌرڻو

فريدآباد ( رپورٽ : معشوق چانڊيو )فريدآباد  ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ گھاڙي جاگير ۾ ڳوٺاڻي عبدالفتاح جکراڻي جا نامعلوم چور چار نلڪا چوري ڪري ويا آهن جڏهن ته ڳوٺ علي گوھر چانڊيو  نظير چانڊيو  جا 4 چار نلڪا چوري ڪري ويا جڏهن ته ڳوٺ مٿين اکڪڍائي  واسي خادم حسين چانڊيو  کان رات جو ھٿياربندن پاران  موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي ھڪ ڦورو محبوب تونيو پڪڙجي پيو پوليس حوالي ـ جڏهن ته ٿاڻي ڀر سان اشفاق احمد ڏيرو جي گڏھ گاڏي جا جون ڪمانيون سرائي نامعلوم چوري ڪري ويا جڏھن تھ  ڏوھن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ خلاف فريدآباد  ۾ شھرين عبدالفتاح جکراڻي ـ ممتاز جکراڻي ـ راـجھن جکراڻي ـ شاعر ساھڙ گائينچو ـ قدير ڏيرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن چيو ته فريدآباد  ۾ بدامني تي ضابطو ناھي اچي سگھيو ـ عوام سخت پريشان آهي ـ فريدآباد  پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو ـ فريدآباد  شھر ۽ آسپاس ۾ ڦرون ۽ چوريون وڌي رھيون آهن ـ پوليس نفري وڌائي وڃي ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي حيدرآباد ـ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڦر ۽ چورين جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.