گهوٽڪي ۾ 5 پورهيتن جون موٽر سائيڪلون چوري

گهوٽڪي (  ڊ ر  ) گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اينگرو گدام لڳ پورهيت الهڏنو مگسي سميت پنجن ڄڻن جون  موٽر سائيڪلون  چوري ايس ايڇ او صرف سياسي ماڻهن  کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پورو پورهيت ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ ويو ته ڪو به عملو موجود نه هيو مايوس ٿي  پريس ڪلب پهچي دانهيو  ته مان مسڪين غريب بورچي  آهيان ٻارڙن کي اسڪول کڻي ويندو آهيان ۽ کڻي ايندو آهيان خدارا منهنجي مدد ڪئي وڃي ۽ مون کي سي ڊي موٽر سائيڪل  2018 ماڊل  آ جيڪا واپس ڪرائي وڃي ان بعد پوليس هن جي رپورٽ روز نامچي جي بجاء  هڪ سادي بوڪ تي  لکي ٽاري ڇڏيو پورهيت جو وڌيڪ چوڻ هو   ته مون کي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي  نه ته ايس ايس پي آفيس سامهون پاڻ ساڙيندس ۽ ان جو ڪيس ايس ايڇ او گهوٽڪي اي سيڪشن جي خلاف داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.