پيپلزپارٽي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو کي جنازي نماز کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پ پ جي جهوني سياستدان اڳوڻي صوبائي وزير، سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جو مڙه آمريڪا کان ڪراچي جي جناح ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد بدين روانو ڪيو ويو.

سندس جنازي نماز انڊس اسپتال سامهون  ادا ڪئي ويئي، جنازي نماز علامه مولانا مفتي محمد احمد نعيمي سجاده نشين درگاھ ڪوڏاريو شريف پڙھائي.

جنازي نماز ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، قومي اسمبلي ميمبر مير غلام علي ٽالپر ، حاجي رسول بخش چانڊيو،  ، مير الله بخش ٽالپر ، حاجي تاج محمد ملاح ، پير امجد شاهه صديقي ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ، سميت ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وصيت جي مطابق تدفين اباڻي قبرستان متارو منڌرو ۾ ڪئي ويئي۔ مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي پٽ ذڪريه سڪندر منڌرو ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو سان وڏي تعداد ۾ ماڻهن تعزيت ڪئي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.