حڪومت ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت ادارن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن ۾ وڌندڙ حڪومتي مداخلت تي ڳڻتي آهي.

عمران خان چيو ته حڪومت ادارن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي وڌڻ جو اڪيلو رستو بنا دير چونڊون آهن.

ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته حڪومتي اتحاد قانون سازي جي نالي تي جمهوري روايتن کي چٿي رهيو آهي، آئيني ۽ قانوني سطح تي جمهوري قدرن جو ڀرپور بچاءُ ڪنداسين، آئيني معاملن تي جلد عدليا سان رابطو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.