وزيرن جي غيرحاضري تي قومي اسيمبلي مان اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيملي مان مخالف ڌر ميمبرن ناڻي واري وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير جي غير موجودگي جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي شيخ روحيل اصغر اعتراض واري نقطي تي چيو ته بجيٽ بابت معاملن تي بحث دوران لاڳاپيل وزيرن کي ايوان ۾ موجود هجڻ گهرجي، هن چيو ته اهڙو ڪو ماڻهو به موجود نه آهي جيڪو ايڇ اي سي بابت معاملن کي نوٽ ڪري. بجيٽ اجلاس ۾ سمورن کاتن جي آفيسرن کي ايوان ۾ هجڻ گهرجي. مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير ايوان ۾ موجود نه آهن، اسان مخالف ڌر طور اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ مولانا عبدالاڪبر چترالي اتر وزيرستان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جي واقعي ۾4 نوجوانن جي شهادت جي جانچ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته  ملڪ ۾ انارڪي ۽ بي چيني جو خدشو آهي. هن چيو ته اسد الله داوڙ اسلامي جمعيت طلبه بنون جو اڳواڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ الخدمت جو صدر هو، منهنجي درخواست آهي ته ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي وڃي، جڏهن ته جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي ميمبر سائره بانو بجيٽ اجلاس ۾ وزيرن ۽ ميمبرن جي ايوان ۾ موجودگي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سائره بانو چيو ته ايوان جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي آهن ۽ اهو قدم پارليامينٽ جي بي توقيري جو سبب آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.