ڪراچي۾ پوليس مقابلا، هڪ ڦورو مارجي ويو ،ٻيو زخمي

ڪراچي(رپورٽر)  ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس جو مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ ڦورن سان مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪڙو ڦورو مارجي ويو جڏهن ته سندس هڪڙو ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته سندس وٽان لوڊ ٿيل پستول ۽ ٻه موبائيل فون هٿ آيا آهن مارجي ويل ڦورو جي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو . ٻئي طرف ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي پوليس به جوڳي چوڪ وٽان مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو عبدالوهاب پٽ جلال شاه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جنهن جي قبضي مان لوڊ ٿيل پستول هٿ آيو آهي. زخمي جوابدار کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،هوڏانهن سچل ٿاڻي جي پوليس اسڪيم 33 جي گواليار روڊ تان مقابلي کان پوءِ ٽن ڦورن ولي پٽ سردار ، ڊيسمن پٽ جارج ۽ صمد پٽ ولي خان کي گرفتار ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.