ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو، حتمي فيصلو پارليامينٽ ڪندي:قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد( م ڊ) حڪومت بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارليامينٽ جو ڳجهو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهيه تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو حتمي فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ قومي، پارلياماني، سياسي ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني.  پڌرائي موجب اجلاس کي ملڪ کي گهرو ۽ ٻاهرين خطرن جي تدارڪ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ماڻهن کي پاڪ، افغان سرحد تي انتظامي معاملن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ماڻهن کي ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ سمورن پس منظرن بابت بريفنگ ڏني وئي آهي. ٻڌايو ويو ته افغان حڪومت جي مدد سان ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻول جو عمل جاري آهي. وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجود ٿينديون. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي آئين پاڪستان جي دائري ۾ رهندي ڳالهه ٻول جاري رکندي. پاڪستان افغانستان ۾ تعميري ڪردار جاري رکندو. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته يوٽرن ماهر عمران خان کان پڇيو وڃي ته آمريڪي سازش جو بيانيو ڪاڏي ويو؟ عمران خان آئي ڏينهن شوشا ڇڏيندو آهي، نيب سڌارن کانپوءِ هاڻ 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيندو، 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيڻ جو فائدو هاڻ تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ٻڌائي شهباز شريف خلاف ڪهڙا 70 ڪيس آهن؟ عمران خان رٽائرڊ ججن کي احتساب عدالتن ۾ لڳائي پنهنجي انتقامي ڪارروائي پوري ڪرڻ چاهي، عمران خان تي بي اعتمادي ته سندس پنهنجي اتحادين ڪئي، جن ووٽ ذريعي عمران خان وزيراعظم بڻيو، انهن ووٽن ذريعي ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.