جوهي ويجهو سئوٽن هٿان گوليون هڻي ڌنار سخت زخمي

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڀو پنهور ۾ سئوٽن هٿان ڌنار نينگر گوليون هڻي مرڻينگ, اسپتال منتقل گذريل ڏينهن مال چارڻ دوران سئوٽن وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي جنهن تان اڄ ٻن سئوٽن مال چارڻ ويل 10  سالا نينگر لطيف ولد محمد پنهور کي مارڪٽ ڪرڻ بعد مٿي ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  تعلقه اسپتال جوهي بعد سيوهڻ منتقل ڪيو ويو آهي. , ان سلسلي ۾ زخمي نينگر جي والد محمد پنهور جو چوڻ آهي ته ڪالهه مال چارڻ تان سئوٽن اڪرم ۽ مجيد پنهور منهن ماري ڪئي جنهن بعد اڄ مٿس حملو ڪري مرڻينگ ڪيو ويو آهي هوڏانهن  جوهي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.