شرجيل ميمڻ پاران نيب ترميم تي عمران خان کي مناظري جو چئلينج

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀني کان وڏو چور عمران خان نيازي آهي، هو ٻڌائي ته بي آر ٽي پشاور تي اسٽي آرڊر ڇو ورتو؟ صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي پشاور تي سي ايم آئي ٽي رپورٽ ۾ 7 ا رب روپيا وصول ڪرڻ جون شاهديون مليون هيون، نيب ترميمن کي چئلينج ڪرڻ کان پهرين عمران خان پنهنجا اسٽي آرڊر ختم ڪرائي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته اسٽي آرڊر ختم ڪيا وڃن ۽ ايف آءِ اي ۽ نيب کان پشاور بي آر ٽي، مالم جبه ۽ بلين ٽري سونامي اسڪينڊلز جي جانچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آئي جو فارن فنڊنگ ڪيس کي ڊگھو ڪرڻ وارو طريقو انهن جي گناھ کي ثابت ڪري ٿو. صوبائي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته ثاقب نثار جي دور ۾ عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ واري معاملي جي ٻيهر ميرٽ جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. عمران خان پنهنجي دور ۾ نيب قانونن ۾ ترميم ڪري کنڊ، ڪڻڪ، پيٽرول، ايل اين جي ۽ دوائن جي اسڪينڊلز مان پنهنجي ۽ پنھنجي حوارين جي جان ڇڏرائي. شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي نيب ترميم تي مناظري لاءِ اوپن چئلينج ڏيندي چيو ته اهي ترميمون عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي حوارين کي بچائڻ خاطر ڪيون. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جيڪڏهن واقعي ايماندار آهي ته بني گالا جي فرنٽ وومين فرح گوگي کي سامهون آڻي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.