ڌاري آبادڪاري سبب سنڌ جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين آبادڪاري سبب نه صرف سنڌ جو امن  امان مڪمل تباھ برباد ٿي ويو آهي پر  هتان جي وسيلن ۽ زمينن تي پڻ قبضو ڪيو پيو وڃي. افغان پناهگيرن کان ويندي سڄي دنيا جا رولاڪ سنڌ ۾ گڏ ڪيا پيا وڃن. جنهن سبب سنڌ ۾ انسانن جي اسمگلنگ، هٿيارن جو وڪرو، منشات فروشي سميت مختلف برايون پيدا ٿيون آهن. نه ته سنڌ امن محبت ۽ رواداري جي ڌرتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت سنڌ سمورن شهرن، ساحلي پٽي ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ هڪ رٿابندي سان ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. ساحلي پٽي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي ڪوڙا ڪاغذن ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار شروع ڪئي وئي آهي. جنهن پ پ پ ڀاگي ڀائيواري آهي. مقامي وڏيرا ۽ ڀوتار بروڪر بڻجي غيرمقامي ماڻهن کي زمينون نيلام ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ حقن جي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو جيڪڏهن اسان اڃان سجاڳ نه ٿياسين ۽ پنهنجي وطن جي مالڪي نه ڪئي ته اسان جو فلسطينن کان به خراب حشر ٿيندو. انڪري هاڻي سنڌي قوم کي اکيون کولڻ گهرجي ۽ کين سمجهڻ گهرجي ته سندن ۽ وطن جو دفاع صرف قومپرستي نظرئي ۾ آهي. پ پ هڪ سنڌ دشمن پارٽي بڻجي چڪي آهي ان جو مقصد صرف اقتدار حاصل ڪرڻ آهي ان کي سنڌ سان ڪابه دلچسپي ناهي. انڪري سنڌ جا ماڻهو قومپرستن جو ساٿ ڏين جئين سنڌ مٿان مڙهيل ڪارا ڪڪر هٽي سگهن ۽ نئون روشن سج اڀري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.