انفارميشن کارتي مٽياري جي سينيئر ڪلارڪ جو وڏو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو

مٽياري (ت ر)سنڌ اطلاعات کاتي ضلع مٽياري جي سينئر ڪلارڪ سعيد احمد شيخ جو وڏو ڀاءُ عبدالمجيد شيخ 56 سالن جي ڄمار ۾ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مرحوم جي جنازي نماز پاڪستان چوڪ، آفندي ٽائون ويجهو ڦليلي روڊ  حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي، ياد رهي ته سعيد احمد شيخ جو وڏو ڀاءُ عبدالمجيد شيخ گهمڻ لاءِ اسلام آباد ويو هو جتي گذريل ڏينهن گلگت جي هوٽل ۾ اوچتو دل جي تڪليف سبب سندس طبيعت خراب ٿي ويئي ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي وفات ڪري ويو.ٻئي طرف مٽياري ضلعي جي صحافين پاران پڻ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.