مڪاني چونڊن ۾ عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي ٽڪيٽ ملڻ گهرجي:ميرپورخاص ۾ سيمينار

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مڪاني چونڊن ۾ عورتن، معذورن، اقليتن، کدڙن فقيرن ۽ پوئتي پيل ڪميونٽي کي حصو وٺڻ ۽ سياسي  پارٽين پاران کين ٽڪيٽ فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ سوسائٽي فورم پاران مقامي هوٽل ۾ سيمنار منقعد ڪيو ويو، سيمينار ۾ واجد لغاري، شيرمحمد سولنگي، شميم مري، اقليت سيٽ تي بيٺل آزاد اُميدوار جميله بتول، ٽرانس جينڊر مديحه شاه، خالده منير، ياسمين هاشمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ، سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران عورتن، کدڙن فقيرن ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي ٽڪيٽ بدران علائقي جي سرندي وارن ماڻهن ۽ ڪارڪنن کي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ ان پيڙهيل طبقي کي پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پڻ انهي پيڙهيل طبقي کي سياسي پارٽين پاران ٽڪيٽ نه ڏني وئي آهي جڏهن ته پارٽين ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڪارڪنن کي پڻ نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ سياسي پارٽين پاران عورتن کي تمام گھٽ ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته عورتن جو اسان جي مُلڪ جي آبادي ۾ 52 سيڪڙو آهي ان باوجود عورتن کي نظر انداز ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جي اسين نندا ڪيون ٿا سيمينار ۾ آزاد اُميدوار طور چونڊون وڙهندڙ عورت اُميدوارن، وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

  • نواب شاهه ۾ علي گوهر شاهه جي ورسي،مجلس عزيٰ  منعقد

نواب شاهه (ڊ ر) نواب شاهه ۾ شيعه علما ڪائونسل پاران علي گوھر شاھ جي ورسي جي موقعي تي مجلس عزيٰ منعقد ڪئي وئي. مجلس عزيٰ کي شيعه علماءِ ڪائونسل جي صوبائي صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي خطاب ڪيو، شيعه علماءِ ڪائونسل جي ڊويزنل صدر زوار محمد حسين چانڊيو، ضلعي صدر مولانا عطا حسين چانڊيو، زوار غلام حيدر زرداري ، خان محمد زرداري، معروف قصيده خوان فهد حسين چانڊيو، فدا حسين چانڊيو، آصف حسيني ۽ ٻين مومنن شرڪت ڪئي.

  • دوڙ  واسين کي فوري طور پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم

دوڙ (ن ع آ) دوڙ شھر ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شھري سخت گرمي ۾پاڻي لاءِ پريشان ٿي ويا. اھڙي صورتحال کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر  شھيد بينظير آباد عامرحسين پنھور نوٽس وٺندي دوڙ شھر  پھچي واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو جائزو ورتو، موٽر بند ھئڻ ۽ سڪل تلاءُ ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .هنڊيوٽي تي مقرر ملازمن کي ڇنڊ پٽيندي کين حڪم جاري ڪيو  ته فوري طور موٽر ھلائي تلاءَ مان پاڻي ڀرايا وڃن ۽ شھرين کي جلد پاڻي مھيا ڪيو وڃي، پاڻي جي کوٽ بابت ڪا به ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي.

  • ڪوٽڏيجي ۾ مزدورن جي حق لاءِ جاکوڙيندڙ ابل حسين گوپانگ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوٽڏيجي( رپورٽ ) ڪوٽڏيجي ٽڪر ڪانٽريڪٽر مزدور يونين خيرپور جي صدر ابل حسين گوپانگ ڪافي عرصو فاليج جي بيماري سبب 5 سالن کان بستري تي پيل هو تڪ جي چونڊيل نمائندن هن جي پرگهور نه لهڻ ڪري غربت سبب هن ڪافي عرصو بيماري سان جنگ لڙهندي گذريل ڏينهن 80 سالن جي ڄمار ۾ ابل حسين گوپانگ هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو مرحوم جي لاڏاڻي جي خبر علائقي ۾ پکڙجي وئي سوين جي تعداد ۾ مزدور سندس رھائشگاھ تي پهچي ڪري آخري ديدار ڪيو مرحوم جي جنازي نماز ۾ سماجي ورڪرن مزدورن سميت علائقي جي ماڻھن شرڪت ڪئي جنهن کان بعد مرحوم جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو مرحوم ابل حسين گوپانگ 1988 کان وٺي مزدورن جي حقن  لاءِ هن جدوجهد ڪئي ۽ مزدورن ۽ ان جي اولاد لاءِ ڪوششون ڪري منرل مائينر کاتي اسپتال، ايمبولنس ۽ اسڪول منظور ڪرايا هئا افسوس جو تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به هن مرحوم جي سار سنڀال نه لڌي مرحوم ابل حسين گوپانگ فاليج جي بيماري سان جنگ وڙهندي هارائي ويٺو مرحوم جي وفات کان پوءِ پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.