ڪوٽڙي ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان ڇاپا، ڏنڊ وصول

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو)ڪوٽڙي سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان بهار ڪالوني ۾ ڇاپا غير معياري کاڌ خوراڪ ۽ واش روم جون سهولتون نہ هئڻ سبب راجپوت هوٽل تي 2 لک روپيا ڏنڊ محبوب هوٽل تي پنجاھ هزار ۽ جي ايم ٻار بي ڪيو تي هڪ لک روپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو سنڌ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر غلام رسول شاھ جو چوڻ آهي ته عوام جي شڪايت تي ڇاپو هنيون آهي هن چيو ته هوٽلن توڙي بار بي ڪيو تي ڪا به سهولت ناهي ان ڪري کين وارننگ سان گڏ ڏنڊ هنيون اٿئون جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته ٻيهر ڇاپو هڻنداسين ٻئي طرف  جي ايم ٻار بي ڪيو جي مالڪ انور علي جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪنٽرول اٿارٽي ناجائز ڇاپا هڻي پريشان ڪري رهي آهي پوئين سال به ان قسم جا ڇاپا هڻي ڏيڍ لک ڏنڊ هنيو ويو رات جو ساڍي ٻارهين وڳي ڇاپا هڻڻ ڪٿان جو قانون آهي ان قسم جي حرڪت سان دڪانداري خراب ٿئي ٿي جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اڳ ئي وارننگ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.