بينظير ڀٽو ايشيا جي عظيم ليڊر هئي خدمتن وساري نٿو سگهجي: ڊاڪٽر مهيش ملاڻي

مٺي(رپورٽ: جي آي جوڻيجو)پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 69 سالگره جي تقريب مٺي ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پي پي پي جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ضلعي انفارميشن  سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي، ڊاڪٽر منوج ملاڻي، ڀڳت ماتورام، سشيل ملاني سميت ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي 15 ئي وارڊن جي پي پي پي نامزد اميدوارن ۽ شهرين، واپارين شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، نندلال مالهي، منوج ملاڻي،سشيل ملاني ۽ ٻين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو، بعد ۾ منوج راٺي جي اليڪشن آفيس جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.  انهي موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي چيو ته بينظير ڀٽو ايشيا جي عظيم ليڊر هئي جنهن جي خدمتن کي ڪڏھن وساري نٿو سگهجي محترمه هن ملڪ جي غريب عوام جي حقيقي ليڊر هئي هن چيو ته ٿرپارڪر مان پ پ سوڀ ماڻيندي مٺي جي ماڻھن ڏکي دور ۾ به پ پ سان ساٿ نڀايو آھي.

  • ڪنڌڪوٽ ۾تنگواڻي جي ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

    ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ تنگواڻي جي ڳوٺ جعفر آباد جي رھواسين ھزار خان پٺاڻ، جمال خان، حسنا خاتون، آزاد ۽ ٻين ميڊيا سينٽر پھچي احتجاج ڪندي چيو ته ٽي مھينا اڳ اسان پنهنجي نياڻي گلزادي ساجن رند سان پرڻائي، هنن نياڻي کي اسان ڏانهن موڪلڻ بند ڪيو ۽ گذريل 2 ڏينهن اڳ اسان نياڻي کي وٺڻ وياسين ته لطيف، راھب، ساجن رند ۽ ٻين اسان کي مارڪٽ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نياڻي گلزادي کي متان قتل نه ڪيو ويو هجي.هنن چيو ته اسين ڀٽاڻي ڪالوني ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي، جنهن بعد ايس ايڇ او ۽ منشي بااثر وڏيرن جي چوڻ تي جوابدارن بدران اسان جي نوجوان نياڻي گلزادي جي ڀاءُ راجا پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڇڏيو.هنن چيو ته پوليس علائقي جي وڏيري جي چوڻ تي اسان سان ظلم ڪري رھي آهي. ، پوليس اسان تي دٻاءُ وجهي رھي آهي ته وڏيري ڏي وڃو، فيصلو ڪيو، اسين انصاف خاطر ميڊيا جي ذريعي عدالت، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪري نياڻي کي ظالمن جي قيد مان آزاد ڪرائي بيگناھه گرفتار ڪيل نياڻي جي ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.