مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي هڪ لک 47 هزار 150 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 26 هزار 157 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر گهٽجڻ سان 1833 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.