ڪرونڊي ۾ هٿياربندن پاران ڳوٺاڻن کان هزارين روپيا ڦر

ڪرونڊي (ن ع آ) ڪرونڊي ڀرسان ڀريا لنڪ روڊ تي ڦوروئن جي واردات ٽن ڄڻن کي روڪي 25 هزار نقد، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر لٽ ڪري فرار، فيض گنج ٿاڻي جي حد پڪاچانگ ڀريا لنڪ روڊ تي پوليس پڪٽ ڀرسان ڦوروئن ٽن ڳوٺاڻن باسط ڀٽي، آصف، مير محمد کي روڪي 25 هزار نقد، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. متاثرن سميت ٻين شهرين ڦر واري جڳهه تي بيهي احتجاج ڪيو آهي، جتي باسط ڀٽي، مير محمد، آصف ۽ ٻين دانهيو آهي ته اسڪوٽر سوار 3 ڦورو هئا. جن هٿيارن جي زور تي کين کي روڪيو ۽ تلاشي وٺي ٽنهي ڄڻن کان 25 هزار نقد رقم، ٽچ موبائل فونز، شناختي ڪارڊ، ضروري ڪاغذات ۽ ٻيو گهر لاءِ خريداري ڪيل سامان ڦرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.