گمس اسپتال ۾ آمريڪا واسڻ عورت جو ڪامياب آپريشن

گمبٽ(ن.ع.آ ) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ آمريڪا جي عورت جولي نمان جي پتي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو, آمريڪن عورت صحتياب يڻ بعد آمريڪا لاء رواني ٿي وئي, ڊائريڪٽر گمس پتي جي آپريشن لاء آن لائين سرچ ڪيو ته پاڪستان جي سنڌ صوبي جي گمس اسپتال ۾ فري علاج جو ٻڌايو ويو, گمس اسپتال ۾ اچي خوشي ٿي آه پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ به صحت جون بهترين سهولتون موجود آهن. جولي نمان ڊائريڪٽر سميت ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جو شڪريو ادا ڪيو. جولي نمان پنهنجي ويڊيو بيان ۾ ٻڌايو ته ڪجه وقت کان پتي ۾ تڪليف هئي آمريڪا ۾ هن آپريشن ڪرڻ لاء 4 کان 6 مهينن جو پراسز هو بهترين اسپتال لاء آن لائين سرچ ڪيو ته پاڪستان جي سنڌ صوبي جي گمس اسپتال ٻڌايو جتي مفت علاج سان گڏ بهترين سهولتون موجودآهن ۽ گمس اسپتال ۾ مفت لور ٽرانسپلانٽ, ڪڊني ٽرانسپلانٽ, بون ميرو, ڪارڊڪ جي حوالي سان به بهترين سهولتون موجود آهن گمبٽ اسپتال پهچڻ بعد يقين آيو ته واقعي هي صحت جو هڪ وڏو ادارو آه. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا ادارا آمريڪا ۾ به ٺهڻ گهرجن جتي ماڻهن کي ترت ۽ بهتر علاج ملي سگهي. جولي نمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته انڊيا ۾ به صرف 5 سيڪڙو لور ٽرانسپلانٽ مفت ٿين ٿا باقي جيري جا آريشن پرائيپيٽ اسپتالن ۾ ڪيا وڃن ٿا جنهن تي تمام گهڻو خرچو آه. پاڪستان انڊيا جو پاڙيسري ملڪ آه پر جيري جو 100 سيڪڙو علاج مفت ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آه. جولي نمان ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سميت ڊاڪٽرن ۽ عملي جو شڪريو ادا ڪيو. هوڏاهن ڊائريڪٽر گمس  ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٻڌايو ته گمس ايشيا جو وڏو ادارو ٿي ويو آه آمريڪا سميت ڪافي ٻين ملڪن مان مريض علاج لاء رابطي ۾ آهن. جولي نمان گوگل تي سرچ ڪري رابطو ڪيو هو جيڪا 4 ڏينهن اڳ گمس آئي هئي جنهن جي پتي جو آپريشن ڪيو هو جيڪا صحت ياب ٿي آمريڪا رواني ٿي وئي آه. ٻاهرئين ملڪن مان گمس ۾ مريضن جو علاج لاء اچڻ سنڌ سميت گمبٽ ۽ ڊاڪٽرن لاء اعزاز آه هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو ٿوراتو آهيان جيڪي بجيٽ ڏئي عوام جي خدمت ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.