رتيديري لڳ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، ڳوٺاڻن جو لاش رکي ڌرڻو

رتوديرو(ن ع آ)رتويرو ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ نيڪ محمد بروهي ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات اڻ ڄا تل چور ڳوٺاڻي خميسو خان بروهي جي گھر ۾ داخل ٿي مينهن چوري ڪري ڪاهي وڃي رهيا هئا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿيڻ تي چورن جي پويان لڳي پيا ڀاڳين پاران چورن کي هڪلون ڪرڻ تي چورن سندن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 28 ورهين جو خميسو خان پٽ قلندر بخش بروهي ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته مقتول جي واثن ۽ ڳوٺاڻن امام بخش ، ڪريم بخش ، جبل خان ، عطاءُ الله ، عجب گل ، محمد علي ، قلندر بخش ، لشڪر ، امان الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ۽ ڀانڊو قبو وٽ رتوديرو – شڪارپور انڊس هاءِ وي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو جڏهن ته ڌرڻي دوران مظاهرين انصاف لاءِ نعريبازي پڻ ڪندا رهيا ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ 3 ڪلاڪن تائين بند ٿي وئي جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ٽريفڪ بند ٿي وڃڻ ڪري مسافرن کي پڻ سخت ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پيو ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن امام بخش ۽ ڪريم بخش بروهي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان چور اسان جي گھر اندر گھڙي آيا ۽ اسان جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ڪاهي وڃي رهيا هئا ته اسان چورن جو پيڇو ڪندي انهن جي ويجھو ٿياسين ۽ کين هڪلون ڪيوسين چورن اسان مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ڪلاشن جو برسٽ لڳڻ سبب اسان جو ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ چور فرار ٿي ويا هنن چيو ته لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو پر اطلاع ملڻ باوجود به رتوديرو پوليس ٻن ڪلاڪن بعد پهتي هنن چيو ته سرڪاري پيري بولو بروهي جا گارڊ ان ۾ ملوث آهن اسان جو مطالبو آهي ته بولو بروهي کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو هنن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري مقتول جو لاش پنهنجي ڳوٺ کڻا ئي ويا هوڏانهن ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي رتوديرو ٻڌايو ته اسان هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ مقتول جا وارث ايف آءِ آر ۾ جيڪي نالا ڏيندا انهن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين جلد گرفتار ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.