ڪراچي (رپورٽر) آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ صبح سان واپار دوران مقامي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210 رپين کان مٿي پهچي ويو. فاريڪس ايسوسيئيشن آف پاڪستان موجب رپئي جي قدر ۾ تيزي سان 2.55 رپين جي گهٽتائي ٿيڻ کانپوءِ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 210 رپين کان وڌي ويو آهي ۽ رپيو هيل تائين جي گهٽ سطح تي پهچي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 213 رپيا 50 پئسن تي پهچي ويو. اسٽيٽ بينڪ موجب پاڪستان جا ذخيرا وڌيڪ 23 ڪروڙ 40 لک ڊالر گهٽجي 15 ارب ڊالر کان هيٺ اچي ويا آهن انهن ذخيرن ۾ مرڪزي بينڪ جو حصو 9 ارب ڊالر کان گهٽ آهي.03