آمريڪي عدالت جي فيصلي ۾ جسٽس اطهر من الله جي فيصلي جو حوالو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ جي هڪ اعليٰ عدالت جي جج، برونڪس نالي چڙيا گهر ۾ قيد هڪ هاٿي جي رهائي جي فيصلي تي اختلافي نوٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تاريخي فيصلي جو حوالو ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 20 مئي 2020 ۾ مرغزار چڙيا گهر ۾ قيد هاٿي ”ڪاوان“ جي رهائي جو حڪم ڏنو هو.

نيو يارڪ جي هڪ عدالت جيتوڻيڪ چڙيا گهر ۾ قيد هاٿي جي رهائي لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي پر پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ جج ڪاوان جي رهائي جي فيصلي جو حوالو ڏيندي لکيو ته برونڪس چڙيا گهر ۾ قيد هاٿي کي حق حاصل آهي ته هو جهنگ ۾ پنهنجي قدرتي ماحول ۾ رهي.

رپورٽ موجب اسٽيٽ آف نيو يارڪ ڪورٽ آف اپيلز ۾ اها درخواست جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ گروپ ”نان هيومن رائٽس پراجيڪٽ“ طرفان داخل ڪئي وئي هئي.

جسٽس اطهر من الله جي جنهن فيصلي کي آمريڪي عدالت جي فيصلي جو حصو بڻايو ويو آهي، ان ۾ جسٽس اطهر من الله لکيو هو ته ”بنا شڪ جانورن جا به جذبا هوندا آهن، اهي خوشي ۽ تڪليف محسوس ڪندا آهن ۽ انهن تي ردعمل ڏيندا آهن، فطري طور تي هر جانور الڳ قدرتي ماحول ۾ رهندو آهي ۽ ان ماحول ۾ رهڻ ان جو قانوني حق آهي، جيڪو ڪنهن به طور ڪنهن جانور کان نٿو کسي سگهجي“.

واضح رهي ته آمريڪي عدالت ان درخواست کي اڪلائيندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته قيد ۾ موجود  جانور مناسب سار سنڀال جا حقدار هوندا آهن پر انهن تي انساني حقن جا قانون ڪنهن به طور لاڳو ناهن ٿيندا.

ٻين ججن جي ان فيصلي سان اختلاف ڪندي عدالت جي جج جيني ريويرا ان تي اختلافي نوٽ لکيو ۽ ان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڄاڻايل فيصلي جو حوالو ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.