لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي گهرواري چيو آهي ته سندس مڙس جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر اهي.
هڪ بيان ۾ دانيال عزيز جي گهراوري چيو ته مڙس جي طبعيت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ان جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي.
هوڏانهن قومي اسيمبلي ميمبر مهناز اڪبر جو چوڻ آهي ته سي ايم ايڇ ۾ دانيال عزيز جو بهترين علاج ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي دعائن سان کيس نئين زندگي ملي آهي.
واضح رهي ته دانيال عزيز جي گاڏي سان گذريل هفتي حادثو پيش آيو هو، نارروال ۾ تيز رفتار ٽرڪ سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور فوت، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ سخت زخمي ٿيو هو.