سماج ۾تحرڪ پيدا ڪري تبديلي آڻڻ وارو ڪم سياسي ڪارڪن ئي ڪري سگهن ٿا

حيدرآباد(رپورٽر) اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ سماج سڌارڪن چيو آھي تھ سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۽ تبديلي آڻڻ وارو ڪم سياسي ڪارڪن ئي ڪري سگھن ٿا، پر انھن سياسي ڪارڪنن کي منزل تائين پھچائڻ جي لاءِ سماجي اڳواڻ، اديب، شاعر ۽ صحافي رستو صاف ڪرڻ وارو ڪم ڪري سگھن ٿا، سياست، صحافت ۽ سماجي خدمتن جي حوالي سان پورھيو ڪندڙن کي مڃتا ڏيڻ سان ئي مثبت تبديلي جي اميد جاڳي ٿي. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ قاسم آباد ۾ سنڌ فرينڊس آرگنائزيشين(ايس ايف او) پاران تعليمي ماهر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استاد ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي، نامياري سماج سڌارڪ ۽ سينيئر صحافي لطيف ملاح ۽ ايس ايف او جي خدمتگار امام الدين جمالي جي ڪوٺايل سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، سالگرھھ جي موقعي تي آيل ماڻھن ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي، لطيف ملاح ۽ امام الدين جمالي کي اجرڪن، گلن ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا.  ان موقعي تي ايس ايف او جي چيئرمين نامياري اديب ۽ شاعر شفيع محمد چانڊيو چيو تھ ھن اڱڻ تي سياسي ڪارڪنن کان ويندي، سماجي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ وارو سلسلو وڏي عرصي کان جاري آھي، ان کان گڏ مختلف موضوعن تي فڪري ويھڪون، مچ ڪچھريون ۽ ثقافتي ميڙاڪا ڪوٺائي سنڌ دوست ڌرين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش بھ ڪئي ويندي آھي. نامياري صحافي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح چيو ته سماج ۾ هن وقت هڪڙا اهي ماڻهو موجود آهن جيڪي ماڻهن کي ڳنڊڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن ۽ ٻيا وري ماڻهن ۾ ويڇا وڌائي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، اڄ شهر ۾ ڪمرشل ايريا ۾ سماجي تنظيم جي ھي اوطاق ماڻھن جي ميل جول جو ذريعو بڻجي ٿي تھ تمام مثبت ڳالھھ آھي.  ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي چيو تھ سنڌ جي ماڻهن کي زراعت طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، زراعت اسان جي معيشت کي بچائي سگهي ٿي، ان موقعي تي ڄام نظام الدين ڀاڳت. عاشق چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.